Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 12:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پر عورت کي وڏي عقاب جي پرن جهڙا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن هوءَ اڏامي بيابان ۾ انهيءَ جاءِ تي پهچي وڃي، جيڪا هن لاءِ تيار ڪئي ويئي هئي. اتي انهن ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ ازدها کان محفوظ رکندي سندس سار سنڀال ٿيڻي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ زال کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، انهي لاءِ تہ نانگ جي منهن کان ٽري اُڏامي بيابان ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي، جتي هڪڙي زماني ۽ زمانن، ۽ اڌ زماني تائين سندس پرورش ٿيڻي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 پر ناريءَ کي وڏي عقاب جي پرن جهڙا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن هوءَ اڏامي بيابان ۾ انهيءَ جاءِ تي پهچي وڃي، جيڪا هن لاءِ تيار ڪئي ويئي هئي. اتي انهن ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ ازدها کان محفوظ رکندي سندس سار سنڀال ٿيڻي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 پر عورت کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، تہ جيئن ھوءَ بيابان ۾ پنھنجيءَ جاءِ تي پھچي وڃي ۽ نانگ کان محفوظ رھي، جتي ساڍن ٽن سالن تائين سندس پرورش ٿيڻي ھئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 12:14
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪاش! مون کي ڪبوتر وانگر پر هجن ها، پوءِ جيڪر آءٌ پري اڏامي وڃي سڪون سان رهان ها.


’اوهان ڏٺو تہ مون خداوند مصرين سان ڇا ڇا ڪيو. جيئن ڪو عقاب پنهنجي ٻچي کي پرن تي کڻندو آهي، تيئن اوهان کي اتان کڻي پاڻ وٽ آندو اٿم.


مگر جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن، سي نئين سر طاقت حاصل ڪندا. اهي عقابن وانگر پرن سان اوچائيءَ تي اڏامندا. اهي ڊوڙندا، ليڪن ٿڪبا ڪين، اهي هلندا، ليڪن ماندا ڪين ٿيندا.


تڏهن انهيءَ هستيءَ پنهنجو ساڄو ۽ کاٻو ٻئي هٿ آسمان ڏانهن کنيا ۽ مون ٻڌو تہ هن هميشہ جيئري رهندڙ خدا جو قسم کڻي چيو تہ ”اهو عرصو ساڍن ٽن سالن تائين هوندو. خدا جي قوم جو زور ڀڄي ڀورا ٿيڻ تي اهي سڀ ڳالهيون پوريون ٿي وينديون.“


اهو خدا تعاليٰ جي خلاف ڳالهيون ڪندو ۽ خدا تعاليٰ جي چونڊيل بندن کي ايذائيندو. هو عيد جي ڏينهن ۽ شريعت کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪندو. ائين خدا جي قوم ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي.


هن کيس وراڻيو تہ ”روزانو صبح ۽ شام ٻنهي وقتن تي ٻہ هزار ٽي سؤ قربانين ڏيڻ جي عرصي تائين، جيڪي نہ ڏنيون وينديون. انهيءَ کان پوءِ اها مقدس هيڪل پاڪ ٿيندي.“


جڏهن تہ عورت پاڻ بچائي بيابان ڏانهن هلي ويئي، جتي خدا هن جي لاءِ هڪ جاءِ تيار ڪري ڇڏي هئي، تہ جيئن اُتي هڪ هزار ٻہ سؤ سٺ ڏينهن تائين سندس سار سنڀال ٿي سگھي.


پوءِ اهو ملائڪ مون کي پاڪ روح جي ضابطي واري حالت ۾ بيابان ڏانهن وٺي ويو. اُتي مون هڪڙي عورت ڏٺي، جيڪا لال ڳاڙهي رنگ جي حيوان تي ويٺي هئي. انهيءَ حيوان کي ست مٿا ۽ ڏهہ سڱ هئا ۽ سڄو بدن ڪفر جي نالن سان ڀريو پيو هئس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ