Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




مڪاشفو 11:17 - Muslim Sindhi Bible

17 چوڻ لڳا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، اسين تنهنجا شڪرانا بجا آڻيون ٿا، ڇاڪاڻ تہ تون پنهنجي وڏي قدرت ڏيکاري بادشاهي ڪرڻ لڳو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 ۽ چوڻ لڳا تہ اي خداوند خدا، قادر مطلق، جو آهين، جو هئين، اسين تنهنجا شڪرانا بجا ٿا آڻيون، ڇالاءِ جو تو پنهنجي وڏي قدرت ڏيکاري بادشاهي ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 چوڻ لڳا تہ ”اي پرڀو، سروِشڪتيوان ايشور! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، اسين تنهنجو شڪر ادا ڪريون ٿا، ڇاڪاڻ تہ تون پنهنجي وڏي شڪتي ڏيکاري راڄ ڪرڻ لڳو آهين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 چوڻ لڳا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تون آھين ۽ تون ھئين. اسين تنھنجا شڪرانا بجاءِ آڻيون ٿا، ڇالاءِ⁠جو تون پنھنجي وڏي قدرت ڏيکاري بادشاھي ڪرڻ لڳو آھين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




مڪاشفو 11:17
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ابرام نوانوي سالن جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ ”آءٌ قادرِمطلق خدا آهيان. منهنجي فرمانبرداري ڪر ۽ سچار رهہ.


اي خداوند! تنهنجي قدرت جي ڪري اسين تنهنجي واکاڻ ڪنداسين. هائو، اسين گيت ڳائيندي تنهنجي عجيب ڪمن جي تعريف ڪنداسين.


اي خدا! شل تون عرش عظيم تي سرفراز رهين، شل تنهنجو جلال سڄي جهان تي ظاهر ٿئي.


خداوند سڀني قومن کي پنهنجي زور واري طاقت ڏيکارڻ وارو آهي. هاڻي ڌرتيءَ تي رهندڙ هر ڪو ماڻهو اسان جي خدا جي بچائڻ واري قدرت ڏسندو.


اي منهنجي ابن ڏاڏن جا خدا! آءٌ تنهنجو شڪر ۽ واکاڻ ٿو ڪريان، ڇوجو تو مون کي ڏاهپ ۽ سگھہ عطا ڪئي آهي. اسان جيڪي تو کان چاهيو سو ئي تو مون کي ٻڌائي ڇڏيو، هائو، بادشاهہ وارو پورو معاملو تو اسان تي ظاهر ڪيو آهي.“


جڏهن دانيال کي خبر پيئي تہ انهيءَ لکيل حڪم تي صحيح ٿي ويئي آهي، تڏهن هو پنهنجي گھر هليو آيو. سندس ماڙيءَ جي ڪمري کي يروشلم جي طرف کان کُليل جارا هئا، جتي هن هميشہ جيان ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گوڏن ڀر ويهي پنهنجي خدا جو شڪر بجا آندو ۽ کانئس دعا گھري.


انهيءَ وقت عيسيٰ خدا کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي.


انهيءَ وقت عيسيٰ پاڪ روح جي وسيلي خوشيءَ سان ڀرجي ويو ۽ هن چيو تہ ”اي بابا، اي زمين ۽ آسمان جا مالڪ! آءٌ تنهنجو شڪر ٿو ڪريان جو تو هي ڳالهيون سياڻن ۽ سمجھہ وارن کان ڳجھيون رکيون آهن ۽ سادن تي ظاهر ڪيون اٿيئي. هائو، اي بابا! اهو سڀ تنهنجي مرضي ۽ خوشيءَ سان ئي ٿيو آهي.“


تڏهن هنن پٿر پري هٽايو. پوءِ عيسيٰ مٿي نهاري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان جو تو منهنجي ٻڌي آهي.


خدا جو شڪر آهي، جيڪو اسان کي مسيح جا هئڻ ڪري سدائين پنهنجي فتح واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي وسيلي هر هنڌ مسيح بابت ڄاڻ خوشبوءِ وانگر پکيڙي ٿو.


بهرحال خدا جي بخشش جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تنهن لاءِ سندس شڪر آهي.


اسان جو خداوند عيسيٰ مسيح، جيڪو مون کي طاقت بخشي ٿو، تنهن جو آءٌ شڪر ادا ٿو ڪريان، ڇاڪاڻ تہ هن مون کي ايماندار سمجھي پنهنجي خدمت لاءِ مقرر ڪيو آهي.


هي پيغام يوحنا جي طرفان انهن ستن ڪليسيائن ڏانهن آهي جيڪي آسيا صوبي ۾ آهن. شل اوهان تي خدا جو فضل ۽ سلامتي هجي، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو. انهيءَ کان علاوہ جيڪي ست روح خدا جي تخت جي اڳيان آهن، تن وٽان بہ اوهان تي فضل ۽ سلامتي هجي


خداوند خدا، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو، اهو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”اول ۽ آخر آءٌ ئي آهيان.“


جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“


اهي خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا بادشاهہ! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!


اهي ڏيڏر ڀوتن جا روح آهن، جيڪي پوري ڌرتيءَ جي بادشاهن وٽ وڃي معجزا ڏيکارين ٿا، تہ جيئن قادرِمطلق خدا جي عظيم ڏينهن واري جنگ لاءِ کين گڏ ڪن.


ان وقت مون پاڻيءَ تي مقرر ڪيل ملائڪ کي هي چوندي ٻڌو تہ ”اي پاڪ هستي! تون جيڪو آهين ۽ جيڪو هئين، تون انصاف وارو آهين ۽ تو ئي اهڙو انصاف ڪيو،


ايتري ۾ مون قربان‌گاهہ مان هي آواز ٻڌو تہ ”هائو، اي خداوند، قادرِمطلق خدا! بيشڪ تنهنجا فيصلا سچا ۽ انصاف وارا آهن.“


انهيءَ ڪري مٿس هڪڙي ئي ڏينهن ۾ هي آفتون اينديون، يعني موت، سوڳ ۽ ڏڪار. اها وسندي باهہ ۾ ساڙي ناس ڪئي ويندي، ڇاڪاڻ تہ هن جي عدالت ڪرڻ وارو، خداوند خدا نهايت قادر آهي.“


پوءِ مون کي آسمان کُليل نظر آيو ۽ ڇا ڏسان تہ هڪ اڇو گھوڙو بيٺو آهي! انهيءَ تي جيڪو سوار هو سو وفادار ۽ سچار سڏيو ويندو آهي. هو سچائيءَ سان عدالت ۽ جنگ ڪري ٿو.


پوءِ مون ڄڻ تہ هڪڙي وڏي ميڙ جو آواز وري ٻڌو، جيڪو زور سان وهندڙ پاڻيءَ ۽ گجندڙ ڪڪرن جي آواز جهڙو هو، جنهن چيو تہ ”خداوند خدا جي واکاڻ هجي! ڇاڪاڻ تہ خداوند اسان جو خدا جيڪو قادرِمطلق آهي، تنهن جي بادشاهي زمين تي قائم ٿي ويئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ