4 سندس وِڄ ايڏو تہ چمڪاٽ ٿي ڪري، جو انهيءَ کي ڏسي ڌرتي بہ ڏڪيو ٿي وڃي.
4 هن جي وڄ چمڪي جهان کي روشن ڪيو: زمين اها ڏسي ڏڪي ويئي.
هو پنهنجي وڄ کي عرش کان هيٺ ٿو موڪلي، ۽ اها ڌرتيءَ جي هڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين وڃيو پهچي.
هو ڌرتيءَ کي سندس بنياد کان لوڏيو ڇڏي، ۽ ان جا ٿنڀا بہ ڏڪڻ ٿا لڳن.
هو جڏهن ڌرتيءَ ڏانهن نهاري ٿو تہ اها ڏڪيو ٿي وڃي. هو جڏهن جبلن کي ڇُهي ٿو تہ انهن مان بہ دونهون ٿو نڪري.
اي ڌرتي! تون بہ ڏڪي ويندينءَ، جڏهن يعقوب جو خدا تو کي اچي ويجھو ٿيندو.
تنهنجي گجگوڙ جو آواز واچوڙي منجھہ ٿيو آهي. وڄ جهان کي روشن ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ڌرتي ڌڏي ۽ ڪنبي ويئي آهي.
تنهنجي واٽ سمنڊ جي وچان آهي، تنهنجو رستو وڏن بحرن مان آهي، توڙي تنهنجي پيرن جا ڪي بہ نشان نہ ٿا ڏسجن.
اوهين پاڪيزگيءَ جي حسن سان خداوند کي سجدو ڪريو. اي ڌرتيءَ جا سڀ رهاڪؤ! اوهين هن جي آڏو ڏڪندا رهو.
پر اي خداوند! تون سچو خدا آهين، تون جيئرو خدا ۽ قائم وَ دائم بادشاهہ آهين. جڏهن تون ڪاوڙجين ٿو تہ دنيا ڪنبي ٿي وڃي، ۽ قومون تنهنجي ڪاوڙ سهي نہ ٿيون سگھن.
پوءِ خدا جي هيڪل جيڪا آسمان ۾ آهي، سا کولي ويئي تہ هيڪل ۾ سندس عهد واري صندوق نظر آئي. تڏهن کِنوڻين جا چمڪاٽ، وڏا آواز ۽ گجگوڙون ٿيڻ لڳيون، ڌرتيءَ تي زلزلو آيو ۽ وڏا وڏا ڳڙا پيا.
پوءِ مون کي آسمان کُليل نظر آيو ۽ ڇا ڏسان تہ هڪ اڇو گھوڙو بيٺو آهي! انهيءَ تي جيڪو سوار هو سو وفادار ۽ سچار سڏيو ويندو آهي. هو سچائيءَ سان عدالت ۽ جنگ ڪري ٿو.