5 ٻين قومن جا سڀ معبود رڳو بيجان بت آهن، پر اهو خداوند ئي آهي جنهن آسمانن کي بڻايو آهي.
5 ڇالاءِ جو قومن جا سڀ معبود بت آهن: پر خداوند آسمانن کي بنايو.
شروعات ۾ خدا زمين ۽ آسمان کي پيدا ڪيو.
شال زمين ۽ آسمان جو خالق اوهان کي برڪتون ئي برڪتون عطا ڪندو رهي!“
جڏهن تہ ڌارين قومن جا معبود سون ۽ چانديءَ جا ٺهيل بت آهن، جيڪي ماڻهن پنهنجي هٿن سان جوڙيا آهن.
هاڻ جيڪي انهن کي جوڙين ٿا يا مٿن ڀروسو ٿا رکن، سي سڀيئي بہ انهن جهڙا ئي ٿي پوندا.
تڏهن آءٌ سوچيان ٿو تہ انسان ڇا آهي جو تون ان جي يادگيري ڪرين؟ يا آدمزاد ڇا آهي جنهن جي تون سار سنڀار لهين؟
ڏسو، اهي سڀ غير معبود بيڪار آهن، ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھن. اهي رڳو بيجان مورتيون آهن، جيڪي ڪين جهڙيون، بلڪ ڪجھہ بہ نہ آهن.“
خداوند خدا آسمانن کي پيدا ڪيو آهي، ۽ انهن کي مٿان پکيڙي ڇڏيو اٿائين. هن ڌرتيءَ کي ۽ انهيءَ مان جيڪي ڦٽي نڪري ٿو، تنهن کي پکيڙي ڇڏيو آهي. هن ڌرتيءَ تي رهندڙ انسان کي ساهہ عطا ڪيو آهي، هائو، هر ڪنهن کي حياتي بخشي اٿائين. هاڻ اهو خداوند خدا پنهنجي انهيءَ ٻانهي کي فرمائي ٿو تہ
اوهين پاڻ ڏسي ۽ ٻڌي سگھو ٿا تہ نہ رڳو اِفسس ۾، بلڪ سڄي آسيا صوبي ۾ هن شخص پولس گھڻن ماڻهن کي برغلائي گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي. هو چئي رهيو آهي تہ ’ماڻهن جا ٺاهيل هي بت خدا هرگز نہ آهن.‘
سو بتن تي قرباني ڪرڻ بابت اسين ڄاڻون ٿا تہ بت دنيا ۾ ڪابہ حقيقت نہ ٿا رکن ۽ هي بہ ڄاڻون ٿا تہ سواءِ هڪڙي جي ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.