زبور 96:3 - Muslim Sindhi Bible3 اوهين سڀني قومن ۾ سندس عظمت ظاهر ڪريو. هائو، هن جا عجيب ڪم سڀني ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌايو، အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 قومن ۾ هن جو جلال ظاهر ڪريو، ۽ سڀني ماڻهن ۾ سندس عجيب ڪم جو بيان ڪريو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.
اهي قومون ائين چونديون اينديون تہ ”هلو تہ خداوند جي جبل ڏانهن هلون، يعني بني يعقوب جي خدا جي گھر ڏانهن. هو اسان کي پنهنجي واٽ تي هلڻ سيکاريندو، تانتہ اسين سندس انهيءَ ٻڌايل واٽ تي هلون، ڇاڪاڻ تہ صيئون تان ئي خداوند جي شريعت جاري ڪئي ويندي. هائو، انهيءَ تي اڏيل شهر يروشلم مان سندس فرمان ظاهر ٿيندو.“