زبور 94:7 - Muslim Sindhi Bible7 هو اسان جي ڏاڏي يعقوب جي خدا بابت هيئن ٿا چون تہ ”خداوند اسان کي ڪين ٿو ڏسي، نڪي اهو ڄاڻي ٿو تہ اسين ڇا ٿا ڪريون.“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible7 ۽ چون ٿا تہ خداوند ڏسندو ئي ڪين، يعقوب جو خدا خيال ڪونہ ڪندو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”يهوداہ وارن، بلڪ سڄي بني اسرائيل جو گناهہ تمام وڏو آهي. هنن پنهنجي ملڪ کي خونن سان ڀري ڇڏيو آهي ۽ يروشلم شهر کي تہ هنن بيانصافي ۽ ظلم جو ڳڙهہ بڻائي ڇڏيو آهي. هو سمجھن ٿا تہ آءٌ خداوند سندن ملڪ کي ڇڏي هليو ويو آهيان، ۽ اهو بہ سمجھن ٿا تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا تنهن جي مون کي خبر نہ ٿي پوي.