6 اهي رننزالن ۽ يتيمن کي قتل ڪندا ٿا رهن، ۽ انهن ۾ رهندڙ ڌارين کي ڪهندا ٿا وتن.
6 اهي بيوہ زالن ۽ پرديسين کي قتل ٿا ڪن، ۽ يتيمن جو خون ٿا ڪن.
انهيءَ لاءِ تہ اهي غريبن کي انصاف کان محروم رکن، خداوند جي قوم جي محتاجن جو حق کسي وٺن، ۽ رننزالن ۽ يتيمن جي مال ملڪيت کي لٽين ڦرين.
”ڌيان سان ٻڌو، آءٌ اوهان کي حڪم ٿو ڏيان تہ اوهين رڳو اهو ڪم ڪريو جيڪو حق سچ ۽ انصاف وارو هجي. جنهن تي ظلم ٿيندو هجي تنهن کي ظالم جي چنبي مان ڇڏايو. يتيمن، رننزالن ۽ پاڻ وٽ رهندڙ ڌارين سان ظلم ۽ ڏاڍ نہ ڪريو، نہ وري هن شهر ۾ ڪنهن بيگناهہ جو رت وهايو.
جيڪڏهن اوهين يتيم ۽ رنزال توڙي پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي تي ظلم نہ ڪندا، نڪي هن جاءِ تي بيڏوهين جو رت وهائيندا، ۽ نہ وري غير معبودن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي نقصان پهچائيندا،
تو منجھہ ڪوبہ ماڻهو پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت نہ ٿو ڪري. تو ۾ رهندڙ ڌارين سان ناحق زبردستي ڪئي ٿي وڃي ۽ يتيمن ۽ رننزالن کي ستايو ٿو وڃي.
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رننزالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“