Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 93:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اي خداوند! تنهنجا قاعدا قانون بلڪل پڪا پختا آهن. بيشڪ هميشہ هميشہ لاءِ پاڪيزگي ئي تنهنجي هيڪل جو شان آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 اي خداوند هميشہ جي لاءِ تنهنجيون شاهديون بلڪل سچيون آهن: ۽ پاڪيزگي هميشہ تنهنجي گهر جي لائق آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 93:5
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

کين چيو تہ ”هاڻي اسان کي خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي گھر کي وري مخصوص ڪرڻو آهي. سو اي لاويؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. هاڻ اوهين پنهنجو پاڻ کي پاڪ ڪريو ۽ انهيءَ مقدس هيڪل مان سموري گندگي ڪڍي ڇڏيو.


مون تنهنجي شريعت کي پنهنجي لاءِ ابدي ميراث بڻايو آهي، ڇاڪاڻ تہ تنهنجا احڪام منهنجي دل جي خوشي آهن.


اي خداوند! تنهنجي شريعت ڪيڏي نہ عظيم ترين آهي! تنهنڪري آءٌ پوريءَ دل سان انهيءَ تي عمل ڪريان ٿو.


تو پنهنجي شريعت ۾ جيڪي بہ حڪم ڏنا آهن، سي سچا ۽ ڀروسي جهڙا آهن.


تنهنجي شريعت ازل کان ابد تائين سچي آهي، اي خداوند! مون کي سمجھہ عطا ڪر تہ آءٌ جيئرو رهان.


خداوند جي نالي جي لائق اوهين سندس تعريف ڪريو. سندس شان وَ شوڪت ڏسي کيس سجدو ڪريو.


بيشڪ هو ئي پاڪ آهي. سو اچو تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي ساراهہ ڪريون، ۽ سندس تخت آڏو جھڪي کيس سجدو ڪريون.


اوهين خداوند اسان جي خدا جي ساراهہ ڪريو، ۽ سندس پاڪ جبل تي سجدو ڪريو. بيشڪ خداوند اسان جو خدا ئي پاڪ آهي.


تون نج سون جي هڪڙي تختي ٺهرائج ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪرائي ڇڏج، ’خداوند جي لاءِ مخصوص.‘


اي خداوند جي هيڪل جو سامان کڻي هلڻ وارؤ! روانا ٿيو، هائو، اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو. اوهين ڪنهن بہ ناپاڪ شيءِ کي نہ ڇُهو، بلڪ پاڪيزگيءَ سان انهيءَ منجھان نڪري وڃو.


تڏهن اوهين کين تاڪيد ڪندي چئجو تہ ”هرگز نہ، بلڪ رڳو خدا جي شريعت ۽ هدايت تي عمل ڪريو.“ يقيناً جيڪي مئلن جي باري ۾ ڳالهيون ڪن ٿا، تن لاءِ صبح نہ ٿيندو.


هن هيڪل جا هي قاعدا قانون تون بني اسرائيل کي ٻڌاءِ جن تي عمل ڪرڻ سان جبل جي چوٽيءَ تي ٺهيل هيڪل جي چوديواريءَ واري سڄي ايراضي منهنجي لاءِ ئي مخصوص ۽ پاڪ رهندي. ياد رک، هي ئي منهنجي گھر جا قاعدا قانون آهن.“


تنهن تي موسيٰ هارون کي چيو تہ ”اها ئي ڳالهہ آهي جيڪا خداوند فرمائي هئي تہ ’جيڪي منهنجي ويجھو اچن، سي منهنجي پاڪيزگيءَ جو احترام ڪن، بيشڪ سڀني ماڻهن جي نظر ۾ آءٌ ئي عظمت وارو هوندس.‘“ تڏهن هارون خاموش رهيو.


بني اسرائيل جي سڄي قوم لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”اوهين پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڪ آهيان.


زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“


خدا روح آهي، سو اهو ضروري آهي تہ عبادت ڪندڙ پاڪ روح ۽ سچ جي پيروي ڪندي سندس عبادت ڪن.“


سڀني ماڻهن سان صلح وَ سلامتيءَ سان رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انهيءَ پاڪائيءَ جا طلبگار ٿيو، جنهن کان سواءِ ڪوبہ خداوند کي نہ ڏسندو.


انهيءَ شهر ۾ ڪابہ ناپاڪ شيءِ يا ڪوبہ نفرت ۽ ڪوڙ جهڙو ڪم ڪندڙ هرگز داخل ٿي نہ سگھندو. رڳو اهي داخل ٿيندا، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، جيڪو گھيٽڙي جو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ