3 سمنڊ گجگوڙون ٿا ڪن، هائو، اهي ڏاڍو گوڙ شور پيا ڪن.
3 اي خداوند پاڻين گوڙ شور ڪيو آهي، پاڻين پنهنجو آواز وڌايو آهي؛ پاڻي گجگوڙ ٿا ڪن.
موت جي ڇولين مون کي وڪوڙي ڇڏيو هو، هائو، برباديءَ جي ٻوڏ مون کي ٻوڙي ڇڏيو هو.
توڙي سمنڊ جو پاڻي گجگوڙ ڪري ۽ ڇوليون هڻي، ۽ انهن جي ٽڪرائجڻ سان جبل لڏي وڃن.
هڪڙي اهڙي ندي آهي جنهن جون نهرون خدا جي شهر کي سَرهائي ڏين ٿيون، هائو، انهيءَ شهر کي جيڪو خدا تعاليٰ جو مقدس گھر آهي.
ڀلي آسمان خوشيون ڪن ۽ زمين بہ ڀل سرهي ٿئي، ڀلي سمنڊ ۽ انهن ۾ موجود هر ڪا مخلوق گجگوڙ ڪري.
هاڻي اوهين بابل مان خوشيون ڪندي نڪري ايندا، ۽ سلامتيءَ سان روانا ڪيا ويندا. جبل ۽ ٽڪريون اوهان جي اڳيان گيت ڳائڻ لڳندا، ۽ سڀيئي وڻ تاڙيون وڄائيندا.
تو مون کي اونهي سمنڊ منجھہ اڇلائي ڇڏيو هو، سمنڊ جا سيلاب مون کي ڪُنَ ۾ گهِلي ويا. اي خدا! تنهنجيون سڀ ڇوليون ۽ موجون مون مٿان گذريون.
پوءِ ازدها انهيءَ عورت جي پٺيان پنهنجي وات مان درياءَ وانگر پاڻي وهايو تہ جيئن کيس وهڪري ۾ وهائي ڇڏي.
پوءِ ملائڪ مون کي چيو تہ ”جن دريائن جي ڀرسان تو ڪسبياڻيءَ کي ويٺل ڏٺو، سي قومون، قبيلا، ٻولين وارا ۽ ذاتيون آهن.