8 اي خداوند! رڳو تون ئي، هائو، رڳو تون ئي هميشہ لاءِ سربلند آهين.
8 پر تون اي خداوند، سدائين سربلند آهين.
پر جيڪي پنهنجين ڏنگين واٽن ڏانهن ڦري وڃن ٿا، تن کي تون بدڪارن سان گڏ سزا ڏي! شال بني اسرائيل ۾ سلامتي ۽ خوشحالي هجي!
اهي گاهہ جيان جلد ئي سڪي سڙي ويندا. هائو، پاڻي نہ ملندڙ ٻوٽي وانگر اهي ڪومائجي ويندا.
هائو، منهنجا دشمن هر وقت مون کي ايذائيندا رهن ٿا. اهي تمام گھڻا آهن جيڪي مون سان وڙهن ٿا.
پوءِ جڏهن آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل ۾ داخل ٿيس، تڏهن ئي مون انهن ماڻهن جي انجام بابت سمجھي ورتو.
بيشڪ تون انهن کي ترڪڻين راهن تي هلائين ٿو، ۽ کين برباديءَ ڏانهن ڌِڪي ڇڏين ٿو.
تانتہ اي خداوند! اهي ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون خدا تعاليٰ ئي سڄي ڌرتيءَ جو حاڪمِاعليٰ آهين.
پر اي خداوند! تون انهن بحرن جي گوڙ شور کان وڌيڪ قوي آهين. تون سمنڊن جي وڏين ڇولين کان بہ وڌيڪ طاقتور آهين. هائو، عرش عظيم تي سڀني جي مٿان قادر تون ئي آهين.
جڏهن مصرين انهيءَ ڳالهہ ۾ مغروريءَ سان بني اسرائيل جي برخلاف ڪم ٿي ڪيو. هاڻي مون کي خبر پيئي آهي تہ خداوند سڀني معبودن کان وڏو آهي.“
جيڪڏهن اوهين ملڪ ۾ غريبن تي ظلم ٿيندي ڏسو ۽ ڪنهن ظالم عملدار هٿان انصاف ۽ عدالت کي بگاڙيندي ڏسو، تڏهن انهيءَ ڳالهہ تي اوهين حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ظالم عملدار مٿان بہ ٻيا ظالم عملدار آهن ۽ وري انهن سڀني مٿان ڪو ٻيو بہ آهي.
انهن ڏينهن ۾ يهوديہ جي بادشاهہ هيروديس اگرپا ڪليسيا جي ڪن ماڻهن کي ستائڻ شروع ڪيو.