Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 92:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جيتوڻيڪ بڇڙا ماڻهو گاهہ جيان اُسرن ٿا، هائو، اهي خطاڪار وڌن ۽ ويجھن ٿا، تنهن هوندي بہ آخرڪار اهي هميشہ لاءِ ناس ٿي ويندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 جڏهن بڇڙا ماڻهو گاهہ وانگي اُسرن ٿا، ۽ سڀ خطاڪار وڌن ويجهن ٿا؛ تڏهن اهو انهيءَ لاءِ ٿو ٿئي تہ اهي هميشہ جي لاءِ برباد ٿي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 92:7
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ جيڪي ڦورو آهن، سي پنهنجي گھرن ۾ آرام سان ٿا رهن، ۽ جيڪي خدا کي ڪاوڙائين ٿا سي صحيح سلامت آهن، خدا وري تن کي ئي پنهنجي هٿن جي ڇانوَ ۾ ٿو رکي.


جڏهن تہ بدڪار ماڻهو سڀ جو سڀ برباد ٿيندا. هائو، بڇڙن جو مستقبل برباد ڪيو ويندو.


ڏسو، اهي بڇڙا آهن. اهي سدائين بي‌فڪرا ٿي ڌن دولت وڌائيندا رهن ٿا.


جيئن جانور کي ڪا سمجھہ ڪانهي، تيئن آءٌ ان وقت تنهنجي اڳيان بي‌عقل هئس.


ڪيستائين اهي سڀ بدڪار بڪ بڪ پيا ڪندا رهندا؟ ڪيستائين اهي مغروريءَ سان ڳالهائيندا ۽ ٻٽاڪون هڻندا رهندا؟


بيشڪ جيڪي اٻوجھہ ۽ بي‌عقل نصيحت کان انڪار ڪن ٿا سي ماريا ويندا ۽ سندن لاپرواهي کين برباد ڪري ڇڏيندي.


اتي جا ماڻهو ڪمزور ثابت ٿيا، ۽ خوف وچان سندن ڪنڌ جھڪي ويا. اهي ٻنيءَ جي ٻوٽن، ساون نازڪ سلن ۽ ڇت تي ڦٽندڙ گاهہ وانگر هئا، جيڪو جھولي واري گرم هوا لڳڻ سان سڪي سڙي وڃي ٿو.


اوهين هي بہ چئو ٿا تہ ’ڪافر ماڻهو نيڪ‌بخت آهن، بدڪار ماڻهو وڌن ويجھن ٿا ۽ انحرافي ڪرڻ کان پوءِ بہ سزا کان بچي ٿا وڃن.‘“


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن سڀ مغرور ۽ برا ڪم ڪندڙ بُهہ وانگر ساڙيا ويندا. اهو ڏينهن کوري وانگر ساڙيندڙ هوندو ۽ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيندو. اهو سندن پاڙن ۽ ٽارين کي بہ ساڙي ڇڏيندو.


هن ڪري جو پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”هر انسان گاهہ مثل آهي، انهيءَ جو سمورو شان وَ شوڪت گاهہ جي گل وانگر آهي. گاهہ سڪي وڃي ٿو ۽ گل ڪري ٿو پوي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ