Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 92:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اي خداوند! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ عظيم آهن! ۽ تنهنجا خيال انساني سوچ کان ڪيڏا نہ بلند آهن!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 اي خداوند تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ عظيم آهن! تنهنجا خيال تمام اونها آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 92:5
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! تو پنهنجي ڏاهپ سان جيڪي شيون پيدا ڪيون آهن، سي ايتريون تہ گھڻيون آهن، جو سڄي ڌرتي تنهنجي مخلوق سان ڀرجي ويئي آهي.


خداوند جا ڪم ڪيڏا نہ عظيم آهن! جيڪي انهن کي دل سان پسند ڪن ٿا، سي انهن تي غور ويچار ڪندا رهن ٿا.


اي خدا! تنهنجيون رٿون منهنجي سوچ کان بلڪل مٿاهيون آهن! ۽ انهن رٿن جو شمار ڪيڏو نہ گھڻو آهي!


تنهنجي سچائي ايڏي اوچي آهي جيڏا اوچا وڏا پهاڙ آهن. تنهنجا فيصلا ايڏا اونها آهن جيڏي اونهائي وڏي بحر جي آهي. اي خداوند! ماڻهن توڙي جانورن کي تون ئي ٿو سنڀالين.


اي خداوند، منهنجا خدا! تو گھڻا ئي عجيب ڪم ڪيا آهن. اسان جي لاءِ تدبيرون ڪرڻ ۾ تو مثل ڪو ئي ناهي. اسان لاءِ تنهنجا ڪيل ڪم ايترا تہ بي‌شمار آهن، جو آءٌ پنهنجي سڄي حياتي بہ انهن سڀني کي بيان ڪري نہ ٿو سگھان.


اهي بڇڙائيءَ وارا منصوبا جوڙين ٿا ۽ چون ٿا تہ ”اسان جيڪا سازش سِٽي آهي سا بلڪل مڪمل آهي.“ بيشڪ جيڪي ڳالهيون انسان جي دل ۽ دماغ اندر آهن، تن کي ڪو ٻيو ڄاڻي نہ ٿو سگھي.


اوهين خدا کي هيئن چئو تہ ”تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ هيبتناڪ آهن، تنهنجي عظيم قدرت جي ڪري دشمن بہ اچي تنهنجي پيش ٿا پون.


زندگيءَ جي حقيقت کي سمجھڻ تمام مشڪل، بلڪ ناممڪن آهي. ڪير آهي جيڪو انهيءَ حقيقت کي سمجھي سگھي؟


اها سموري ڏاهپ قادرِمطلق خداوند وٽان ئي ملي ٿي. بيشڪ انهيءَ جي مصلحت عجيب ۽ ڏاهپ عظيم آهي.


خداوند جي ڪاوڙ تيستائين نہ هٽندي، جيستائين هو پنهنجو ارادو پورو نہ ڪندو. اچڻ وارن ڏينهن ۾ اوهين اها ڳالهہ چڱيءَ طرح سمجھي ويندا.


پر اسان تي خدا اهو پنهنجي پاڪ روح جي وسيلي ظاهر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح سڀني ڳالهين کي، بلڪ خدا جي ڳجھين ڳالهين کي بہ معلوم ڪري ٿو وٺي.


اهي خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا بادشاهہ! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ