Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 92:4 - Muslim Sindhi Bible

4 ڇوجو اي خداوند! تو پنهنجي ڪمن سان مون کي ڏاڍو خوش ڪيو آهي. هائو، تنهنجي قدرت وارن ڪمن سبب آءٌ سرهائيءَ مان ڳايان ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ڇو تہ اي خداوند تو مون کي پنهنجن ڪمن سان خوش ڪيو آهي: آءٌ تنهنجيءَ دستڪاريءَ جي سبب سرهو ٿيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 92:4
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شال خداوند جي عظمت هميشہ هميشہ تائين رهي! شال خداوند پنهنجي انهن خلقيل شين کان خوش ٿئي!


شل منهنجا هي خيال کيس پسند اچن! ڇاڪاڻ تہ اهو خداوند ئي آهي جنهن کان مون کي خوشي ملي ٿي.


بيشڪ خداوند اسان جي لاءِ وڏا وڏا ڪم ڪيا آهن، سو اسان کي بيحد خوشي ٿي آهي!


تنهن هوندي بہ آءٌ قديم زماني تي نظر وجھان ٿو، ۽ تنهنجي ڪمن تي غور ويچار ڪريان ٿو. هائو، آءٌ تنهنجي عظيم ڪمن بابت سوچيان ٿو.


اوهين سارنگي وڄائيندي خداوند جو شڪرانو ڪريو. اوهين ڏهن تارن واري دنبوري تي انهيءَ جي واکاڻ ڳايو.


سچار ماڻهو خداوند جي انهن ڪمن تي خوشيون ملهائيندا. انهن کي خدا جي پناهہ حاصل ٿيندي، ۽ اهي سڀيئي دل جا سچار مٿس فخر ڪندا.


تو هن کي پنهنجي ڪاريگريءَ تي اختيار ڏنو آهي، تو سڀني شين کي هن جي هٿ هيٺ ڪري ڇڏيو آهي.


تون پنهنجي قدرت جا ڪم پنهنجي هنن بندن تي پڌرا ڪر، ۽ پنهنجي عظمت اسان جي اولاد تي ظاهر ڪر.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”يعقوب جي نسل لاءِ خوشيءَ جا گيت ڳايو، قومن جي هن سردار قوم لاءِ نعرا هڻو. هائو، نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڪندي چئو تہ ’اي خداوند! تون ئي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي باقي بچي ويلن کي ڇڏائڻ وارو آهين.‘


هائو، آءٌ پنهنجي خدا کان خوش آهيان، جيڪو هر ڳالهہ ۾ منهنجو بچائيندڙ آهي.


اوهان سان بہ ائين ئي ٿيندو. هاڻي اوهان جي سورن جو وقت آهي. پر آءٌ اوهان سان وري ضرور ملندس. تڏهن اوهين ڏاڍا خوش ٿيندا ۽ اوهان جي اها خوشي اوهان کان ڪوبہ کسي نہ سگھندو.


خدا جو شڪر آهي، جيڪو اسان کي مسيح جا هئڻ ڪري سدائين پنهنجي فتح واري جلوس ۾ گھمائي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح اسان جي وسيلي هر هنڌ مسيح بابت ڄاڻ خوشبوءِ وانگر پکيڙي ٿو.


مون هي بہ ٻڌو تہ ”اي آسمان! انهيءَ شهر تي خوشيون ڪر، اي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلؤ! اي عيسيٰ بابت خوشخبري ۽ خدا جو پيغام ٻڌائيندڙؤ! اوهين انهيءَ شهر تي خوشيون ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خدا عدالت ڪري هن کان اوهان جو بدلو وٺي ٿو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ