Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 92:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ڏهن تارن واري ساز سان توڙي سارنگيءَ ۽ دنبوري جي مٺي آواز سان تنهنجي شفقت جي واکاڻ ڳائڻ ڪيڏو نہ چڱو آهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ڏهن تارن واري ساز سان، بربط سان، ۽ ستار جي مٺي آواز سان ڪهڙو نہ چڱو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 92:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ دائود ۽ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو پنهنجي پوري جوش سان خدا جي حضور ۾ خوشيءَ وچان نچندا، گيت ڳائيندا ۽ دڦ، ٽليون شرنايون ۽ تارن وارا ساز وڄائيندا ٿي هليا.


دائود لاوين جي اڳواڻن کي چيو تہ هو پنهنجن لاوي ڀائرن مان ڪي ڳائڻا مقرر ڪن، تہ جيئن اهي دنبورن، سارنگين ۽ ٽلين جا ساز وڄائي وڏي آواز سان خوشيءَ جا گيت ڳائين.


روز صبح ۽ شام جو خداوند جو شڪر ۽ تعريف ڪرڻ


اهي سڀ پنهنجي پيءُ جي نگرانيءَ هيٺ خداوند جي هيڪل ۾ عبادت لاءِ ٽليون، دنبورا ۽ سارنگيون وڄائيندا هئا. آسف، يدوتون ۽ هيمان پاڻ بادشاهہ جي نگرانيءَ هيٺ هئا.


اهڙيءَ طرح اهي دنبورا، سارنگيون ۽ شرنايون وڄائيندا يروشلم ۾ هيڪل وٽ اچي گڏ ٿيا.


هڪ حصو شاهي محل جي سنڀال ڪري ۽ باقي هڪ حصو هيڪل جي بنياد نالي دروازي تي بيٺل رهي. ٻيا سڀيئي ماڻهو خدا جي گھر جي اڱڻ ۾ رهن.


جيئن خداوند غيبدان جاد ۽ ناتن نبيءَ جي معرفت دائود بادشاهہ کي حڪم ڏنو، تيئن ئي حزقياہ خداوند جي گھر ۾ لاوين کي ٽلين، دنبورن ۽ سارنگين سان مقرر ڪيو.


يروشلم شهر جي ڀتين جي وقف ڪرڻ وقت لاوين کي سندن رهڻ وارن هنڌن تان ڳولي يروشلم ۾ آندو ويو، تہ جيئن هو يروشلم ۾ حاضر ٿي وقف ڪرڻ واري انهيءَ رسم کي خوشيءَ ۽ شڪرگذاريءَ سان ٽلين ۽ تارن وارا ساز وڄائيندي بجا آڻين.


ڀلي تہ هو نچندي ڪُڏندي سندس نالي جي واکاڻ ڪن. هو دڦ ۽ سارنگيون وڄائي سندس تعريف ڳائين.


اوهين سارنگي وڄائيندي خداوند جو شڪرانو ڪريو. اوهين ڏهن تارن واري دنبوري تي انهيءَ جي واکاڻ ڳايو.


آءٌ خدا کي، جيڪو منهنجو محافظ آهي چوان ٿو تہ ”تو مون کي ڇو وساري ڇڏيو آهي، جو آءٌ پنهنجي دشمنن جي ظلم ڪري روئندو رڙندو پيو وتان؟“


آءٌ ننڊ مان اُٿي کڙو ٿيندس، ۽ پنهنجي سارنگي ۽ دنبوري کي بہ جاڳائيندس. هائو، آءٌ پرهہ ڦٽيءَ جو اُٿي تنهنجا گيت ڳائيندس.


اڳيان اڳيان ڳائڻ وارا ۽ پٺيان پٺيان وڄائڻ وارا آهن، وچ ۾ ڪنواريون ڇوڪريون آهن جيڪي دڦ ٿيون وڄائين.


انهيءَ کان پوءِ تون خدا واري جِبعت شهر ڏانهن چڙهي وڃجانءِ، جتي فلستي سپاهين جو پهرو آهي. جڏهن تون اتي شهر ۾ داخل ٿيندين تڏهن تو کي نبين جي هڪڙي ٽولي گڏبي، جيڪا سُرندو، دڦ، بانسري ۽ دنبورو وڄائيندي انهيءَ ٽڪر واري عبادت‌گاهہ کان هيٺ لهندي ايندي هوندي ۽ اهي خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ايندا هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ