Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 92:2 - Muslim Sindhi Bible

2 بيشڪ صبح جي وقت تي تنهنجي دائمي شفقت جو ذڪر ڪرڻ، ۽ رات جي وقت تي تنهنجي وفا جو بيان ڪرڻ ڪيڏو نہ چڱو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 صبح جو تنهنجي ٻاجهہ جو، ۽ ڏهاڙي رات جو تنهنجي وفاداريءَ جو بيان ڪرڻ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 92:2
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود ۽ لاوي اڳواڻن گڏجي آسف، هيمان ۽ يدوتون کي سندن پٽن سميت سندن گھراڻن مان خدمت لاءِ چونڊي ڌار ڪيو تہ هو هيڪل ۾ سارنگيون، دنبورا ۽ ٽليون وڄائڻ سان خدا جو ڏنل پيغام ٻڌائين. انهن خدمت ڪرڻ وارن جي فهرست ۽ سندن خدمت هي آهي:


پر انهن مان اهڙو ڪوبہ ناهي جيڪو خدا آڏو ٻاڏائي، جيڪو سندن خالق آهي، جيڪو وڏين مشڪلاتن ۾ بہ کين خوشيءَ جا گيت ڳارائي ٿو.


آءٌ تنهنجي لافاني شفقت ۽ انصاف جا گيت ڳائيندس. اي خداوند! آءٌ تنهنجي ئي واکاڻ پيو ڪندس.


روزانو آءٌ تو کي برڪت وارو چوندو رهندس، ۽ تنهنجي نالي جي سدائين واکاڻ ڪندو رهندس.


خداوند جي واکاڻ ڪريو. اسان جي خدا جي واکاڻ ڳائڻ سٺو آهي، ڇاڪاڻ تہ اها ڳائڻ بيحد چڱي ۽ دلپسند آهي.


تڏهن بہ ڏينهن جي وقت خداوند مون کي پنهنجي دائمي شفقت ڏيکاري ٿو، ۽ رات جي وقت مون کان پنهنجو گيت ڳارائي ٿو. هائو، آءٌ انهيءَ جي واکاڻ ٿو ڳايان، جيڪو منهنجي حياتيءَ جو خدا آهي.


آءٌ سڄو ڏينهن ڇڏائڻ وارين تنهنجي ڀلائين جو بيان پيو ڪندس. هائو، انهن جي شمار جو ڪو ئي بہ اندازو ناهي.


مصيبت وارن ڏينهن ۾ آءٌ ڌڻيءَ جي طلب ۾ رهان ٿو. سڄي رات منهنجا هٿ ڊگھيريل رهن ٿا ۽ ساڻا ڪين ٿا ٿين. پر تڏهن بہ مون کي تسلي نہ ٿي ملي.


تون جڏهن ظاهر ٿو ٿئين، تہ منهنجا دشمن پٺتي هٽيو ٿا وڃن، تو کي ڏسي هو ڦهڪو ڏيئي ڪرن ٿا ۽ مريو ٿا وڃن.


آءٌ خداوند جي ابدي شفقت جو ذڪر ڪندس، آءٌ سندس انهن بي‌شمار نعمتن لاءِ سندس واکاڻ ڪندس، جيڪي هن اسان کي عطا ڪيون آهن، ۽ انهيءَ وڏي ڀلائيءَ لاءِ بہ، جيڪا هن پنهنجي رحمتن ۽ ابدي شفقتن موجب بني اسرائيل جي ماڻهن کي ڏيکاري آهي.


شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، جڏهن تہ فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت ملي.


رات جو پولس ۽ سيلاس دعائون گھرندا ۽ خدا جي واکاڻ جا گيت ڳائيندا ٿي رهيا ۽ جيل جا قيدي پڻ ٻڌندا ٿي رهيا. تڏهن اڌ رات ڌاري


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ