اهي انهيءَ وڻ مثل آهن جيڪو نهر جي ڪپ تي لڳل هجي، جيڪو پنهنجي وقت تي ميوو ڏئي ٿو، ۽ جنهن جو پن بہ نہ ٿو ڪومائجي. بيشڪ هو جيڪي بہ ڪن ٿا تنهن ۾ ڪامياب ٿيندا.
بدڪارن جي راهہ گھُگھُہ اونداهيءَ مثل آهي. اهي ڄاڻن ئي ڪين ٿا تہ ڪهڙيءَ شيءِ کين ٿاٻڙائي ڪيرايو. پر سچارن جي راهہ صبح جي روشنيءَ مثل آهي، جنهن جي چمڪ وڌندي وڌندي ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ جيان ٿيو پوي.
نديءَ جي ٻنهي پاسن وارن ڪنارن تي هر قسم جا ميويدار وڻ اڀري ايندا، جن جا نہ پن ڪومائبا ۽ نہ وري انهن جو ميوو کُٽندو. اهي هر مهيني تازو ڦر جھليندا، ڇاڪاڻ تہ انهن کي ملندڙ پاڻي مقدس هيڪل کان وهي اچي ٿو. سو نہ رڳو انهن جو ميوو کاڌو ويندو، بلڪ انهن جا پن بہ بيمار ماڻهن جي شفا جي ڪم ايندا.“