Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 92:13 - Muslim Sindhi Bible

13 اهي خداوند جي گھر ۾ لڳل وڻن جيان آهن، جيڪي اسان جي خدا جي حضور ۾ سدائين ساوا رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 جيڪي خداوند جي گهر ۾ لڳايا ويا آهن، سي اسان جي خدا جي ايوان ۾ وڌندا ويجهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 92:13
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن هيڪل ۾ ٻہ اڱڻ ٺهرايا، هڪڙو ٻاهريون اڱڻ ۽ ٻيو اندريون اڱڻ، جيڪو رڳو ڪاهنن لاءِ هو. انهن ٻنهي اڱڻن جي وچ ۾ دروازا ٺهرايائين جن جي طاقن مٿان پتل چاڙهايائين.


جيئن تہ مردڪئي شاهي محل ۾ وڏي مان ۽ مرتبي وارو سمجھيو ويندو هو ۽ هن جو ناموس سڀني صوبن ۾ پکڙجي ويو هو، سو هو وڌ کان وڌ طاقتور ٿيندو ويو.


شڪرگذاري ڪندي سندس هيڪل ۾ داخل ٿيو، ۽ هن جي بارگاهہ ۾ اچي سندس واکاڻ ڪريو. اوهين سندس شڪرانو ادا ڪريو، ۽ سندس نالي کي سڳورو چئو.


هائو، اهي آءٌ تنهنجي گھر جي بارگاهن ۾، تنهنجي شهر يروشلم منجھہ ئي پوريون ڪندس. خداوند جي واکاڻ ڪريو.


هائو، اوهين جيڪي خداوند جي گھر جي اندر، اسان جي خدا جي بارگاهہ منجھہ حاضر رهو ٿا.


اي منهنجي محبوبہ! تنهنجا چپ ماکيءَ جهڙا مٺا آهن، تنهنجي چمين سان مون کي ماکيءَ ۽ کير جهڙي لذت ٿي ملي. تنهنجي ڪپڙن جي خوشبوءِ، لبنان جي عطر جهڙي آهي.


هن جون ٽنگون سنگ مرمر جي انهن ٿنڀن جهڙيون آهن، جيڪي خالص سون جي پاون مٿان هجن. هو اهڙو تہ شاندار آهي جهڙا لبنان جا جبل. هائو، هو ديال جي وڻن جيان بي مثال آهي.


تنهنجا سڀيئي ماڻهو سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، ۽ هميشہ لاءِ ملڪ جا وارث ٿي رهندا. اهي منهنجي هٿن جي ڪاريگري آهن، جن کي مون پوکيل وڻ وانگر ملڪ ۾ ڄمائي ڇڏيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هنن مان منهنجي عظمت ظاهر ٿئي.


خاص طور صيئون جي حالات تي ماتم ڪرڻ وارن کي ڏک ۽ غم جي بدران خوشي ۽ شادماني، ۽ ماتم جي بدران واکاڻ جو گيت ڏيان. اهي انهن وڻن وانگر ٿيندا جيڪي خداوند پنهنجي هٿن سان پوکيا هجن. اهي سچائيءَ وارا ڪم ڪندا، تان‌تہ خداوند جي عظمت ظاهر ٿئي.


سو جيئن ڪنهن ويران زمين تي برسات وسي، تيئن ئي آءٌ اسرائيل وارن تي رحم ڪندس. پوءِ هو سوسن جي ٻوٽي جيان گھڻا گل جھليندا، اهي اهڙيون مضبوط پاڙون هڻندا، جيئن لبنان جو ديال پاڙون هڻي ٿو.


سو هاڻي انهيءَ پوکيل زيتون جون ڪي ٽاريون ڀڳيون ويون آهن ۽ اوهين غير قوم وارا جيڪي هڪ جھنگلي زيتون جي ٽاريءَ مثل آهيو، سي انهن ڀڳل ٽارين جي جاءِ تي پيوند ڪيا ويا آهيو ۽ انهيءَ پوکيل زيتون جي مخصوص پاڙ ۾ شامل ٿي ان جي سڻڀي رس حاصل ڪريو ٿا.


جيئن تہ اسين مسيح جي مرڻ ۾ ساڻس گڏ شامل آهيون، سو سندس جيئري ٿي اٿڻ ۾ بہ ضرور شامل ٿينداسين.


۽ ايمان رکڻ جي وسيلي مسيح اوهان جي دلين ۾ گھر ڪري. اها دعا آءٌ انهيءَ ڪري گھران ٿو تہ جيئن اوهين محبت ۾ پاڙ ڄمائي انهيءَ جي بنياد تي زندگي گذاريو.


ان جي بدران اوهين اسان جي خداوند ۽ ڇوٽڪاري ڏيندڙ عيسيٰ مسيح جي فضل جي وسيلي کيس ڄاڻڻ ۾ وڌندا رهو. شل انهيءَ جي عظمت جي واکاڻ هاڻي بہ ٿئي ۽ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ