8 اوهين رڳو پنهنجي اکين سان ويٺا ڏسندا. هائو، اوهين ڏسجو تہ بدڪارن کي ڪهڙو بدلو ٿو ملي.
8 تون رڳو پنهنجن اکين سان نهاريندين، ۽ بڇڙن جو نتيجو ڏسندين.
سو اوهين خداوند تي توڪل رکو، ۽ سندس واٽن تي هلندا رهو. هو اوهان کي سرفراز ڪندو ۽ ملڪ جو وارث بڻائيندو، پوءِ اوهين ويٺا ڏسندا تہ ڪيئن نہ بڇڙن کي برباد ڪيو ٿو وڃي.
بني اسرائيل پنهنجين اکين سان اهو ٿيندي ڏسندا ۽ پوءِ مڃيندا تہ ”خداوند جي عظمت اسرائيل ملڪ جي سرحد کان ٻاهر بہ ظاهر آهي.“
منهنجي اکين منهنجي دشمنن جو حشر ڏٺو آهي، ۽ منهنجي ڪنن انهن مخالف بدڪارن جو روڄ راڙو ٻڌو آهي.
پر ويل آهي بدڪارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن جي بڇڙائي سندن آڏو ايندي. هائو، هنن جيڪي ٻين سان ڪيو آهي سو ئي ساڻن ڪيو ويندو.
ڏسو، شريعت جو جيڪو پيغام ملائڪن جي معرفت ٻڌايو ويو، سو قائم رهيو ۽ جنهن انهيءَ تي عمل نہ ڪندي ان جي نافرماني ڪئي تنهن کي جوڳي سزا ڏني ويئي.
تڏهن موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”ڊڄو نہ، بيٺا رهو ۽ خداوند جو ڇڏائڻ ڏسو جيڪو اڄ ئي اوھان لاءِ ٿيندو. اوهين جن مصرين کي اڄ ڏسي رهيا آهيو، تن کي وري ڪڏهن بہ ڪين ڏسندا.
اهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ ڏينهن بني اسرائيل کي مصرين جي هٿان بچايو ۽ بني اسرائيل مصرين کي سمنڊ جي ڪناري تي مئل ڏٺو.