Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 91:3 - Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ سبب جو اوهان کي ماريءَ جي ڦندي کان هو ئي ڇڏائيندو. هائو، اوهان کي موتمار بيماريءَ کان اهو ئي ڇڏائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ڇو جو هو توکي ماريءَ جي ڦندي کان، ۽ موتمار مريءَ کان ڇڏائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 91:3
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند صبح کان وٺي مقرر ڪيل وقت تائين بني اسرائيل تي وبا موڪلي، جنهن ۾ دان کان وٺي بيرسبع تائين ستر هزار ماڻهو مري ويا.


جڏهن انهيءَ ملڪ ۾ ڏڪار پوي، يا وبا پوي، يا جھولو لڳي يا فصلن ۾ رتي پوي، ماڪڙ کائي يا جيت لڳي، يا جڏهن سندن دشمن سندن شهرن کي گھيري هيٺ آڻين، مطلب تہ ڪهڙي بہ آفت يا ڪهڙي بہ بيماري اچي پوي،


اسان جي جان ائين ڇٽي آهي، جيئن پکي ماريءَ جي ڦندي مان ڇٽي، ڦندو ٽٽي ويو ۽ اسين ڇٽي نڪتاسين.


بدڪارن مون لاءِ جيڪو ڦندو اَڏايو آهي، هائو، جيڪا ڦاهي مون لاءِ اڏي اٿائون، تنهن کان مون کي بچائي وٺ.


خدا پنهنجي دشمنن جو مٿو ڀڃي ڇڏيندو. هائو، جيڪي گناهہ ڪندا ٿا وتن تن جون هو کوپڙيون ڀڃندو.


اوهين نڪي ان وبا کان ڊڄندا جيڪا اونداهيءَ ۾ اچي پوي ٿي، ۽ نہ وري ان برباديءَ کان جيڪا ڏينهن ڏٺي اچي ڪڙڪي ٿي.


هائو، پاڻ کي انهيءَ قرض جي واعدي کان ائين بچائي وٺو، جيئن ڪا هرڻي يا ڪو پکي پاڻ کي شڪاريءَ جي هٿان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.


تان جو هڪڙو تير سندس جگر مان پار ٿي وڃي ٿو. هائو، اهو بي‌وقوف نوجوان بلڪل اهڙي پکيءَ وانگر آهي جيڪو اڏامندي سڌو وڃي دام ۾ ڦاسي ٿو، کيس ڪا خبر ئي نہ آهي تہ سندس جان کسجي ويندي.


ڪنهن بہ انسان کي ڪا خبر ڪانهي تہ ڪڏهن ٿو ڏکيو وقت اچي مٿس ڪڙڪي. هائو، جيئن مڇيون موت جي ڄار ۾ ڦاسنديون آهن، يا جيئن پکي ڦندي ۾ ڦاسايا ويندا آهن، تيئن ئي اوچتو ئي اوچتو انسان بہ بُري وقت ۾ ڦاسي پوندا آهن، جڏهن مٿن آفت اچي ڪڙڪندي آهي.


خداوند مون هوسيع کي اسرائيل وارن جي سڌاري لاءِ نبي بڻائي موڪليو آهي. پر هو جتي ڪٿي مون کي پکيءَ جيان ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، بلڪ خدا جي هيڪل ۾ بہ مون کان ڏاڍي نفرت ڪئي ٿي وڃي.


جيڪڏهن ڪا ڪوڙڪي ئي نہ اڏي ويئي هجي، تہ ڪو پکي زمين تي ڦندي ۾ ڦاسندو ڇا؟ جڏهن ڪوڙڪيءَ ۾ ڪا شيءِ ڦاسندي ئي نہ، تہ اها ڪا مٿي اڇل کائيندي ڇا؟


پر جيڪي ماڻهو دولتمند ٿيڻ ٿا گھرن، سي آزمائش ۾ پون ٿا ۽ گھڻين ئي بي‌وقوفيءَ ۽ نقصان وارين خواهشن جي ڦندي ۾ ڦاسجي تباهيءَ ۽ برباديءَ ۾ غرق ٿي وڃن ٿا.


۽ پنهنجي هوش ۾ اچي ابليس جي ڦندي مان ڇٽن، جنهن کين انهيءَ لاءِ قيدي بڻايو آهي تہ اهي سندس مرضي پوري ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ