Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 9:17 - Muslim Sindhi Bible

17 بيشڪ جيڪي بہ بدڪار آهن، تن جي مقدر ۾ رڳو قبر جي اونداهي لکيل آهي، يعني اهي سڀ قومون جن خداوند کي وساريو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 بدڪار وڃي قبر ۾ پوندا، يعني اهي سڀ قومون جي خدا کي وسارين ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 9:17
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي، هائو، هو اهڙن ماڻهن جي ٺڳين کي ابتو ڪري ڇڏي ٿو.


خدا کي رد ڪندڙ ماڻهن جا رستا اهڙن ئي ٻُوڙن وانگر آهن، هائو، اهڙن بي‌دينن جي هر اميد نابود ڪئي ويندي.


پر پوءِ جلد ئي هو سندس انهن ڪمن کي وساري ويٺا، ۽ خداوند جي مرضيءَ کان منهن موڙي ڇڏيائون.


توڙي جو اسان جو ههڙو حال ٿيو آهي، تڏهن بہ تو کي ڪين وساريو اٿئون، نڪي وري تو سان ٻڌل عهد کي اسان ڪڏهن ٽوڙيو آهي.


جيڪڏهن اسين تو پنهنجي خدا جو نالو وساري ڇڏيون ها، يا ڪنهن ڌارئي معبود جي آڏو پنهنجا هٿ ڊگھيريون ها،


جيئن رڍون ڪسڻ لاءِ مقرر ٿيل آهن، تيئن اهي قبر ۾ وڃي پوندا. هائو، موت اچي تن جو ڌنار ٿيندو ۽ سچار مٿن اچي غالب ٿيندا. انهن جو جسم هڪدم زائل ٿي ويندو ۽ پاتال سندن ٺڪاڻو ٿيندو.


اي اوهين! جيڪي مون خدا کي وساريو ٿا، سي هڪ ڳالهہ تي غور ڪريو، نہ تہ ائين نہ ٿئي جو آءٌ اوهان کي چيري ڦاڙي ڇڏيان، ۽ اوهان کي ڪو ڇڏائڻ وارو بہ نہ هجي. اها ڳالهہ هيءَ آهي تہ


بدڪار ماڻهو پنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڪري برباد ٿيو وڃي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي ايمانداريءَ جي ڪري محفوظ رهي ٿو.


بدڪارن کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون. اهي پنهنجن ئي گناهن جي ڦندن ۾ ڦاسايا ويندا.


پر ويل آهي بدڪارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن جي بڇڙائي سندن آڏو ايندي. هائو، هنن جيڪي ٻين سان ڪيو آهي سو ئي ساڻن ڪيو ويندو.


سو پاتال پنهنجو حرص وڌائيندو، ۽ پنهنجو وات حد کان وڌيڪ کوليندو، ۽ اوهان شور شرابو ڪندڙ عياشن، توڙي اوهان جي سردارن کي ڳهي ويندو.


اهو ئي تنهنجي رهاڪن جو مقدر آهي، اهو ئي هنن جو حصو آهي، جيڪو مون سندن لاءِ مقرر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ باطل معبودن تي ڀروسو ڪيو اٿائون.“


تنهن هوندي بہ منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي. هو بيڪار بتن جي اڳيان قربانيون پيش ٿا ڪن. هو منهنجي اصلي واٽ کان گمراهہ ٿي ويا آهن ۽ بتن جي پوڄا ڪندي پنهنجي لاءِ سوڙهن ۽ ڪچن رستن کي چونڊيو اٿائون.


ڀلا ڪا ڪنواري پنهنجا زيور يا ڪا ڪنوار پنهنجي سهاڳ جو جوڙو وساري ڇڏيندي آهي؟ پر منهنجي قوم بي‌شمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.


جيئن تہ بني اسرائيل پنهنجي رستي کان هٽي ويا آهن، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو اٿن، سو سندن روئڻ ۽ منٿن ڪرڻ جو آواز پهاڙن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.


تون ٻين قومن جي نظر ۾ ذليل ٿي ويندين، تڏهن تون ڄاڻي وٺندين تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


آءٌ انهيءَ کي سندس انهن ڏينهن جي سزا ڏيندس، جڏهن هوءَ مون کي وساري بعل ديوتائن جي پوڄا ڪندي هئي، ۽ انهن جي آڏو لوبان ساڙيندي هئي. هائو، آءٌ انهيءَ کي سندس انهن ڏينهن جي سزا ضرور ڏيندس، جڏهن هوءَ زيور پائي سينگار ڪري پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


جنهن جو بہ نالو زندگيءَ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ ڏٺو ويو، تنهن کي انهيءَ باهہ جي ڍنڍ ۾ اڇلايو ويو.


پر جيڪي ڊڄڻا، ايمان کان ڦرندڙ، ڪراهت جهڙا، قاتل، زناڪار، جادوگر، بت‌پرست ۽ ڪوڙا آهن، تن سڀني جي جاءِ اها ڍنڍ هوندي، جيڪا باهہ ۽ گندرف سان پيئي ڀڙڪي. اهو ئي ٻيو موت آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ