Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 9:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اي ايمان وارؤ! خداوند جي واکاڻ ڳايو، جيڪو صيئون منجھہ رهي ٿو. اوهين سڀني قومن کي سندس ڪم بيان ڪري ٻڌايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 خداوند جي تعريف ڳايو، جو صيون ۾ ٿو رهي؛ ۽ ماڻهن ۾ سندس ڪمن جو بيان ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 9:11
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين خداوند آڏو شڪرگذاريءَ واريون قربانيون پڻ پيش ڪريو، ۽ گيت ڳائيندي سندس ڪمن جو بيان ڪريو.


هاڻ آءٌ مرڻ کان بچي ويو آهيان. سو جيئرو رهي آءٌ خداوند جي قدرت بيان ڪندو رهندس.


اوهين سندس نالي جي عظمت جا گيت ڳايو، هائو، اوهين سندس شاندار واکاڻ بيان ڪريو.


اچو، اچي ڏسو تہ خدا ڇا ڇا ڪيو آهي. هو بني آدم جي وچ ۾ هيبتناڪ ڪم ٿو ڪري.


هن جو گھر يروشلم شهر ۾ قائم آهي، هائو، صيئون جبل تي سندس رهڻ جو هنڌ آهي.


بلڪ هن يهوداہ جي قبيلي کي انهيءَ جي لاءِ چونڊي ڪڍيو، يعني صيئون جبل کي چونڊيائين، جنهن سان کيس ڏاڍو پيار هو.


خدا فرمائي ٿو تہ ”جيڪي مون سان دل لڳائين ٿا، تن کي آءٌ ڇڏائيندس. آءٌ سندن حفاظت ڪندس، ڇوجو هو مون کي خداوند مڃين ٿا.


اوهين قومن منجھہ هي اعلان ڪريو تہ ”خداوند ئي بادشاهہ آهي.“ هُن ڌرتيءَ کي اهڙيءَ طرح قائم ڪيو آهي، جيئن انهيءَ کي ڪو لوڏو نہ اچي. هو سچائيءَ سان قومن جو انصاف ڪندو.


تڏهن فلستي ملڪ کان ايندڙ قاصدن کي اسين ڪهڙو جواب ڏيون؟ هنن لاءِ جواب هي آهي تہ خداوند ئي صيئون جبل کي کڙو ڪيو آهي، جنهن ۾ سندس قوم جا ڏکويل ماڻهو پناهہ وٺندا.


مون تو کي انهن تي ظاهر ڪيو آهي ۽ اڃا بہ ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو پيار تو مون سان ڪيو آهي سو انهن ۾ هجي ۽ آءٌ بہ انهن ۾ هجان.“


ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر صيئون جبل تي زندہ خدا جي شهر وارن جيان خدا جي حضور ۾ آيا آهيو. اتي آسماني يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بي‌شمار ملائڪن جي محفل آهي.


پوءِ مون نهاريو تہ ڇا ڏسان تہ گھيٽڙو صيئون جبل تي بيٺو آهي! ساڻس گڏ هڪ لک چوئيتاليهہ هزار ماڻهو آهن، جن جي پيشانين تي هن جو ۽ سندس پيءُ جو نالو لکيل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ