Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 9:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جيڪي بہ تنهنجي نالي کان واقف آهن، سي تو تي توڪل ٿا رکن، ڇاڪاڻ تہ جيڪي تنهنجا طالبو آهن، تن کان تون ڪڏهن بہ منهن نہ ٿو موڙين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 جن کي تنهنجي نالي جي خبر آهي سي توتي ڀروسو رکندا؛ ڇو جو اي خداوند، جيڪي توکي ڳولين ٿا، تن کي ٿو ڇڏي ڪين ڏنو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 9:10
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خدا ئي منهنجو محافظ آهي، جنهن وٽ آءٌ پناهہ وٺان ٿو. هو منهنجي حفاظت ڪري مون کي بچائي ٿو، هائو، هو ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي. اهو ئي ظالمن جي هٿان منهنجو بچائيندڙ آهي.


دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صاف‌دليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.


جيئن تہ خداوند انصاف کي پسند ٿو ڪري، سو هو پنهنجي نيڪ بندن کي ڇڏي ڪين ٿو ڏئي. بيشڪ سچارن جي هميشہ حفاظت ڪئي ويندي، پر بڇڙن ماڻهن جو نسل برباد ڪيو ويندو.


خداوند سچارن کي بچائي وٺي ٿو. اهو ئي مصيبت جي وقت تي سندن جاءِ‌پناهہ آهي.


پر جيڪي تو وٽ پناهہ ٿا وٺن، سي سڀيئي شل شادمان ٿين! اهي سدائين خوشيءَ وچان گيت پيا ڳائيندا وتن. تون انهن کي بچاءِ تہ هو تو سان گڏ شادمان رهن، هائو، اهي ئي جيڪي تنهنجي نالي سان پيار ٿا ڪن.


رحم ڪر، اي خدا! مون تي رحم ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي ئي پناهہ وٺان ٿو. آءٌ تنهنجي پرن جي ڇانوَ هيٺ پناهہ ٿو وٺان، جيستائين مون تان آفتون ٽري نہ وڃن.


خدا فرمائي ٿو تہ ”جيڪي مون سان دل لڳائين ٿا، تن کي آءٌ ڇڏائيندس. آءٌ سندن حفاظت ڪندس، ڇوجو هو مون کي خداوند مڃين ٿا.


خداوند هڪ مضبوط قلعو آهي، سچار ماڻهو ڀڄي وڃي انهيءَ ۾ پناهہ وٺي ٿو.


تون غريبن ۽ لاچارن جي لاءِ هڪ مضبوط قلعو آهين. هائو، سندن مصيبتن ۾ تون هڪ پناهہ‌گاهہ آهين. ظالم دشمن اسان تي ائين ٿا اچي ڪڙڪن، جيئن طوفاني برسات اچيو ڪڙڪي، يا جيئن ٽاڪ منجھند جي اُس ساڙيو ڇڏي. پر تون انهيءَ طوفان کان اسان جي جاءِ‌پناهہ، ۽ انهيءَ اس کان بچائڻ لاءِ ڇانوَ آهين. جهڙيءَ طرح ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گرمي گھٽجي ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح تون زورآورن جي شادمانن کي ختم ڪري ڇڏيندين.


مون نڪي ڳجھہ ڳوهہ ۾، ۽ نہ وري ڌرتيءَ جي ڪنهن اونداهيءَ جاءِ مان، بلڪ کُليو کُلايو ڳالهايو آهي. مون يعقوب جي نسل کي ڪين چيو آهي تہ ’اوهين منهنجي ڳولا ڪنهن ويران بيابان ۾ ڪريو.‘ آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان، آءٌ سچائيءَ جون ڳالهيون بيان ٿو ڪريان.“


اوهين منهنجا طالبو ٿيندا، هائو، جڏهن اوهين پوريءَ دل وَ جان سان منهنجا طالبو ٿيندا، تڏهن آءٌ اوهان سان پرچي پوندس.


بيشڪ، خداوند ڀلو آهي. هو مصيبت جي وقت جاءِ‌پناهہ آهي. جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن جي هو سنڀال ڪري ٿو.


دائمي زندگي اها آهي تہ اهي تو هڪ سچي خدا کي ۽ مون عيسيٰ مسيح کي ڄاڻين، جنهن کي تو موڪليو آهي.


اسين تبليغ انهيءَ لاءِ ڪريون ٿا جو جنهن خدا فرمايو تہ ”اونداهيءَ ۾ روشني چمڪي،“ تنهن پنهنجي روشني اسان جي دلين ۾ چمڪائي، تہ جيئن سندس عظمت کي ڄاتو وڃي جيڪا عيسيٰ مسيح جي چهري مان چمڪي ٿي.


جنهن ڪري مون کي جيل ۾ تڪليفون ڏنيون وڃن ٿيون. تنهن هوندي بہ آءٌ شرمسار نہ ٿو ٿيان، ڇاڪاڻ تہ جنهن تي منهنجو ڀروسو آهي، تنهن کي آءٌ ڄاڻان ٿو. مون کي يقين آهي تہ جيڪا امانت مون هن جي حوالي ڪئي آهي، تنهن جي هو پنهنجي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين حفاظت ڪري ٿو سگھي.


جيڪڏهن اسين خدا جي حڪمن تي عمل ڪنداسين، تہ پوءِ اسان کي يقين ٿي ويندو تہ اسين کيس چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا.


اسين اهو بہ ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند هن دنيا ۾ آيو آهي. هن اسان کي سمجھہ بخشي آهي تہ جيئن اسين انهيءَ هستيءَ کي ڄاڻون جيڪو حقيقي آهي ۽ اسين انهيءَ حقيقيءَ ۾ سندس فرزند عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري آهيون. اهو ئي حقيقي خدا ۽ دائمي زندگي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ