Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 9:1 - Muslim Sindhi Bible

1 اي خداوند! آءٌ پوريءَ دل سان تنهنجي واکاڻ ڪندس، آءٌ تنهنجا اهي سڀيئي عجيب ڪم بيان ڪندس، جيڪي تو ڪيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 آءٌ پنهنجي سڄيءَ دل سان خداوند جا ٿورا مڃيندس؛ آءٌ تنهنجي سڀني عجيب ڪمن جو بيان ڪندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 9:1
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي اوهين! جيڪي يعقوب، يعني انهيءَ جي چونڊيل بندي اسرائيل جو نسل آهيو، اوهين خدا جي انهن عجيب ڪمن کي ياد ڪريو، جيڪي هن ڪيا آهن. هائو، اوهين هن جي معجزن ۽ سندس ٻڌايل فيصلن کي ياد رکو.


اوهين سڀني قومن ۾ سندس عظمت ظاهر ڪريو. هائو، هن جا عجيب ڪم سڀني ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌايو،


ڪير آهي جيڪو خداوند جي قدرت جي ڪمن جو بيان ڪري سگھي؟ ڪير آهي جيڪو هن جي پوري واکاڻ ڪري سگھي؟


خداوند جي واکاڻ ڪريو. آءٌ سچارن جي گڏجاڻيءَ ۾، پنهنجي پوري دل وَ جان سان خداوند جو شڪر ڪندس.


اي خداوند! آءٌ پوريءَ دل سان تنهنجو شڪرانو ادا ڪندس. منهنجي آڏو ڪهڙو بہ معبود هجي، تہ بہ آءٌ تنهنجي ئي واکاڻ ڳائيندس.


طواف ڪندي آءٌ تنهنجا شڪرانا پيو ڳايان، ۽ تنهنجي سڀني عجيب ڪمن جو بيان ڪندو ٿو رهان.


اي منهنجا ڌڻي! تون منهنجي چپن کي کول، تہ منهنجي زبان سدائين تنهنجي واکاڻ ڪري.


اي خداوند! آءٌ تنهنجي انصاف جو شڪرانو پيو ڪندس. آءٌ تو خداوند تعاليٰ جي نالي جي واکاڻ پيو ڳائيندس.


اي خداوند! اي منهنجا خدا! آءٌ دل وَ جان سان تنهنجي واکاڻ ڪندس، ۽ تنهنجي نالي جي سدائين تعريف ڪندو رهندس.


تان‌تہ تنهنجي ڇڏائڻ سبب آءٌ ڏاڍو سرهو ٿيان، ۽ سڄي يروشلم شهر اندر تنهنجي تعريف ڪريان.


انهيءَ وقت هر ڪو ماڻهو ڳائي چوندو تہ ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اڳ تون مون کان ناراض هئين، تہ بہ هاڻي تنهنجي ڪاوڙ مون تان لهي ويئي آهي، ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي.


اها قوم مون پنهنجي لاءِ خلقي آهي، تان‌تہ اهي منهنجي واکاڻ ڳائين.


اٺن جي قافلن سان تنهنجي ڌرتي ڀرجي ويندي. هائو، عيفاہ قبيلي وارن، بلڪ سڀني مديانين وٽان گھڻا ئي ڪنواٽ تو وٽ ايندا. شبا ملڪ مان بہ قافلا ايندا، جيڪي پاڻ سان سون ۽ لوبان کڻي ايندا. جڏهن اهي سڀ ايندا تہ خداوند جي ڪمن جي واکاڻ بيان ڪندا.


هن عيسيٰ کي وراڻيو تہ ”اهو لکيل آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان، پنهنجي پوريءَ طاقت ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“


تنهنڪري اچو تہ اسين عيسيٰ جي وسيلي خدا آڏو سدائين سندس واکاڻ جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهيءَ زبان جو ڦل نذر ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري.


اهي خدا جي ٻانهي موسيٰ جو راڳ ڳائين پيا ۽ گھيٽڙي جو راڳ ڳائيندي چون پيا تہ ”اي خداوند، قادرِمطلق خدا! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ وڏا ۽ عجيب آهن! هائو، اي قومن جا بادشاهہ! تنهنجا ڪم ڪيڏا نہ انصاف وارا ۽ سچا آهن!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ