6 تو مون کي پاتال جي تري ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي. هائو، تو مون کي اونداهيءَ جي اوڙاهہ ۾ وجھي ڇڏيو آهي.
6 تو مون کي اونهيءَ کڏ ۾، بلڪ اونداهيءَ جي اوڙاهہ ۾ وڌو آهي.
ائين نہ ٿئي جو اها ٻوڏ مون کي ٻوڙي ڇڏي، يا آءٌ اُونهي سمنڊ ۾ غرق ٿي وڃان، يا وري قبر مون کي ڳهي وڃي.
مون تي تنهنجي ايڏي تہ دائمي شفقت آهي، جو تو مون کي موت جي منهن مان ڇڏايو آهي.
آءٌ روشني آهيان ۽ هن دنيا ۾ انهيءَ لاءِ آيو آهيان تہ جيڪو بہ مون تي ايمان آڻي سو اونداهيءَ ۾ نہ رهي.
هن مون کي ڊوڙائي ڊوڙائي اهڙي اونداهي هنڌ پهچايو، جتي روشني داخل ٿي ئي نہ ٿي سگھي.
دشمن مون کي ڏاڍو ستايو آهي، بلڪ منهنجي قوت کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو اٿائين. جيڪي گھڻي مدت کان مري ويا آهن، تن وانگر هن مون کي اونداهيءَ ۾ بند رکيو آهي.
هن مون کي خوفناڪ کڏ، ۽ غلاظت واريءَ ڌٻڻ منجھان ٻاهر ڪڍيو، ۽ منهنجا پير ٽڪر تي رکي منهنجي چال کي قائم ڪيائين.
اِهي سمنڊ جون بيقابو ڇوليون آهن، جيڪي پنهنجي بيشرميءَ جي گَج ٿيون اڇلائين. هو آسمان جا ڀٽڪندڙ تارا آهن، جن لاءِ هميشہ گھُگھُہ اونداهي رکي ويئي آهي.
اهڙيءَ طرح جن ملائڪن پنهنجي مليل اختيار واري حيثيت قائم نہ رکندي پنهنجي مقرر جاءِ ڇڏي ڏني، تن کي خدا ابدي زنجيرن سان قيد ڪري فيصلي لاءِ عظيم ڏينهن، يعني عدالت واري ڏينهن تائين اونداهيءَ ۾ رکيو آهي.
سو اي خداوند! کوهہ جي تري مان آءٌ تنهنجو نالو وٺي پڪاريان ٿو.
اي خداوند! آءٌ مايوسيءَ جي اونهاين مان تو کي پڪاريان ٿو.
منهنجي غصي جي باهہ اهڙي ڀڙڪي اُٿي آهي، جو اوڙاهہ جي تري تائين اها ٻرندي ويندي. اها ڌرتيءَ کي سندس پيداوار سوڌو ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن کي بنيادن سوڌو ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.
اهو سڀ ڏسي مون پنهنجيءَ دل ۾ هي خيال ڪيو تہ ’شايد آءٌ تنهنجي اکين کان پري لوڌيو ويو آهيان،‘ پر تڏهن بہ اي خدا! آءٌ تنهنجي مقدس هيڪل کي هاڻي ڏسي سگھندس.