Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 88:4 - Muslim Sindhi Bible

4 مون کي مئل ماڻهن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، آءٌ بلڪل ئي بي‌وس ٿي پيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 آءٌ انهن جي شمار ۾ ٿو ليکجان جيڪي قبر ۾ ٿا پون؛ آءٌ انهي ماڻهوءَ وانگي آهيان جنهن جو ڪو چاڙهو ڪونهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 88:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

منهنجا ڏينهن گھٽايا ويا آهن، هاڻ منهنجو ساهہ لُڪيءَ ۾ اچي پهتو آهي، ۽ قبر منهنجي انتظار ۾ آهي.


اي خداوند! منهنجي جلدي ٻڌ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ ڏاڍي پريشانيءَ ۾ پئجي ويو آهيان. تون مون کان منهن نہ موڙ، متان آءٌ مئلن جيان قبر ۾ وڃي پوان.


اي خداوند! آءٌ تو کي پڪاريان ٿو، اي منهنجا محافظ! منهنجي ٻڌي تون اڻ‌ٻڌي نہ ڪر. ائين نہ ٿئي جو تون منهنجي طرف ڏانهن خاموش رهين، پوءِ آءٌ انهن جهڙو ٿيان جيڪي قبر اندر لهي ٿا وڃن.


”اي خداوند! جيڪڏهن آءٌ قبر ۾ وڃي پوان، تہ پوءِ منهنجي موت مان تو کي ڪهڙو فائدو ٿيندو؟ ڇا پوءِ منهنجي قبر جي مٽي تنهنجي تعريف ڪندي؟ يا اها تنهنجي سچائيءَ کي پڌرو ڪندي؟


سڀني مون کي مري ويلن وانگر پنهنجيءَ دل تان لاهي ڇڏيو آهي. هاڻ تہ آءٌ ڄڻ هڪ ڀڳل ٿانوَ جيان ڦٽو ڪيو ويو آهيان.


هو ماڻهن ۾ حقير ۽ رد ٿيل هو. هن جي زندگي ڏکن ۽ مشڪلاتن سان اهڙي تہ ڀريل هئي، جو اسان بہ ڏانهس ڏسڻ گوارا نہ ٿي ڪيو. هن کي ڌڪاريو ويو، ۽ اسان بہ سندس ڪو قدر نہ ڪيو.


خدا منهنجي زندگيءَ ۾ ڏک ئي ڏک ڏيئي ڇڏيا آهن. هائو، هن منهنجي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي.


تڏهن آءٌ تو کي هيٺ پاتال ۾ لاهي ڇڏيندس، جتي تون قديم زماني جي ماڻهن ۽ گھڻو اڳي ناس ٿي ويل شهرن سان وڃي گڏبين. تون وري ڪڏهن بہ مٿي اچي آباد نہ ٿيندين ۽ جيئرن جي دنيا ۾ تو لاءِ ڪابہ جاءِ ڪانہ هوندي.


آءٌ سمنڊ ۾ جبلن جي ترن تائين غرق ٿي ويس، ڌرتيءَ جا تالا مون مٿان هميشہ لاءِ بند ٿي ويا. تڏهن بہ اي خداوند منهنجا خدا! تو منهنجي ٻڌي، ۽ منهنجيءَ جان کي پاتال مان ڪڍي ٻاهر آندو.


اها ڳالهہ هن مان ظاهر آهي جو جڏهن اسين اڃا لاچار ئي هئاسين تہ بلڪل انهيءَ وقت مسيح اسان لاءِ جان ڏني جيڪي خدا کان پري هئاسين.


سچ پچ تہ اسان کي پنهنجي موت جو يقين ٿي ويو هو. اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيئن اسين پاڻ تي نہ پر خدا تي ڀروسو رکون، جيڪو مئلن کي جيئرو ڪري ٿو.


هائو، جيتوڻيڪ هو پنهنجو پاڻ کي ڪمزور بڻائي صليب تي چڙهي ويو، تڏهن بہ خدا جي قدرت سان جيئرو آهي. ساڳيءَ طرح مسيح جا هئڻ ڪري اسين بہ ڪمزور بڻيا آهيون، پر ساڻس گڏ جيئرا رهندي اسين خدا جي قدرت سان اوهان سان واسطو رکنداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ