2 منهنجي دعا کي تون پنهنجي حضور ۾ پهچڻ ڏي، هائو، منهنجي انهن دانهن تي تون پنهنجو ڪن ڏي.
2 شل منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ پهچي؛ تون منهنجي دانهن تي پنهنجو ڪن ڏي:
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي قوم واري ڪنهن ماڻهوءَ تي گناهہ ڪرڻ جو الزام هڻي ۽ پوءِ کيس هن گھر ۾ تنهنجي قربانگاهہ اڳيان آڻي قسم کڻڻ لاءِ چيو وڃي،
پرهہ ڦٽڻ کان اڳ ۾ اُٿي آءٌ تو کي فرياد ڪريان ٿو، ڇاڪاڻ تہ مون کي تنهنجي واعدي تي اميد آهي.
تنهن هوندي بہ آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون پنهنجي عظمت سان تختنشين آهين. اهو تون ئي تہ آهين جنهن کي بني اسرائيل ساراهي ٿو.
تون مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏيئي سگھو ئي مون کي ڇڏائي وٺجانءِ. تون مون لاءِ مضبوط محافظ ۽ منهنجي پناهہگاهہ ٿجانءِ.
شل قيدين جون آهون دانهون تنهنجي حضور ۾ اچي پهچن! جن کي موت جي سزا ٻڌائي ويئي آهي، تن کي تون پنهنجي عظيم قدرت سان بچاءِ.
تون ئي منهنجو خدا آهين. اي ڌڻي! مون تي رحم ڪر، ڇوجو آءٌ سڄو ڏينهن تو کي پڪاريندو ٿو رهان.
توڙي جو آءٌ دانهون ڪندي کيس مدد لاءِ پڪاريان ٿو، تڏهن بہ هو منهنجي دعائن تي ڪو ڌيان نہ ٿو ڏئي.