7 آءٌ پنهنجي مصيبت جي ڏينهنِ ۾ تو کي پڪاريندو آهيان، ڇاڪاڻ تہ تون منهنجي پڪار ٻڌندو آهين.
7 آءٌ پنهنجيءَ مصيبت جي ڏينهن توکي پڪاريندس؛ ڇو تہ تون منهنجي اونائيندين.
اي خداوند! آءٌ بلند آواز سان تو کي فرياد ٿو ڪريان، هائو، آءٌ وڏي آواز سان تو خداوند کي منٿون ٿو ڪريان.
ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ پريشان ٿيان ٿو، تڏهن تون ئي اهو ڄاڻين ٿو تہ ان وقت آءٌ ڇا ڪريان. جنهن راهہ تان آءٌ گذران ٿو، تنهن راهہ تي دشمن ڦندو اڏيو ويٺا آهن.
اي خدا! آءٌ تو کي سڏيان ٿو جو تون ئي منهنجي ٻڌندين، مون ڏانهن پنهنجو ڪن ڏي ۽ منهنجو عرض ٻڌ.
پوءِ مون پنهنجي انهيءَ مصيبت ۾ خداوند پنهنجي خدا کي مدد لاءِ پڪاريو هو، منهنجي انهيءَ آواز کي هن پنهنجي مقدس جاءِ ۾ ٻڌو، ائين منهنجو فرياد هن جي ڪنن تائين وڃي پهتو.
اوهين مصيبت جي ڏينهن تي مون کي پڪارجو، آءٌ ئي اوهان کي ڇڏائيندس تڏهن اوهين منهنجي واکاڻ ڪندا.“
جڏهن هو مون کي پڪاريندا تہ آءٌ هنن جي ٻڌندس. آءٌ سندن مصيبت ۾ ساڻي ٿيندس، آءٌ کين ڇڏائيندس ۽ عزت بخشيندس.
اي خداوند! مصيبت جي وقت اسين تنهنجا تابعدار بڻياسين. هائو، جڏهن تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني، تڏهن اسان تو آڏو اچي ٻاڏايو.
”اي خداوند! مون مصيبت ۾ تو کان دُعا گھري آهي، تو منهنجي دعا ٻڌي مون کي ورندي بہ ڏني آهي. مون دوزخ جي پيٽ منجھان فرياد ڪيو آهي، تڏهن بہ تو منهنجي اها دانهن ٻڌي آهي.
جيئن تہ هو ڏاڍو پريشان هو تنهنڪري هو اڃا بہ وڌيڪ جوش سان دعا گھرڻ لڳو، جو سندس پگھر رت جي ڦڙن وانگر زمين تي ڪري رهيو هو.
عيسيٰ پنهنجي جسماني زندگيءَ ۾ زاروزار روئي ۽ دانهون ڪري خدا کان دعائون گھريون ۽ منٿون ڪيون، جيڪو کيس موت کان بچائي ٿي سگھيو. انهيءَ ادب واري تابعداريءَ جي ڪري سندس دعائون قبول پيون.