اي مون سان عدل ڪرڻ وارا منهنجا خدا! آءٌ تو کي پڪاريان ٿو، تون منهنجو عرض اگھاءِ، تون ئي مشڪل گھڙين مان مون کي ڇڏائيندو رهيو آهين. سو هاڻي بہ مون تي پنهنجو ڪرم ڪر، ۽ منهنجي دعا قبول فرماءِ.
پاڪ روح جي هدايت سان هر وقت ۽ هر حالت ۾ دعا ۽ منٿ سان خدا کان مدد گھرندا رهو. مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن لاءِ بہ هميشہ ائين ئي دعا گھرندا رهو، انهيءَ لاءِ سجاڳ رهو ۽ همت نہ هاريو.