10 بيشڪ تون عظيم آهين ۽ تنهنجا ڪم عجيب آهن، ڇاڪاڻ تہ رڳو تون ئي خدا آهين.
10 ڇو جو تون عظيم آهين، ۽ عجيب ڪم ٿو ڪرين: فقط تون ئي خدا آهين.
تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”پهريون وڏو حڪم هي آهي تہ ’اي بني اسرائيل! ٻڌ، خداوند اسان جو خدا هڪڙو ئي خداوند آهي.
”اي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تون جو پردار آسماني مخلوق جي ٻن مجسمن مٿان تخت تي ويٺو آهين، فقط تون ئي ڌرتيءَ جي سڀني بادشاهتن جو خدا آهين. تون ئي زمين ۽ آسمان جو خلقيندڙ آهين.
شل خداوند، بني اسرائيل جو خدا سڳورو هجي! رڳو اهو ئي تہ اهڙا عجيب وَ غريب ڪم ڪري ٿو.
سو بتن تي قرباني ڪرڻ بابت اسين ڄاڻون ٿا تہ بت دنيا ۾ ڪابہ حقيقت نہ ٿا رکن ۽ هي بہ ڄاڻون ٿا تہ سواءِ هڪڙي جي ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.
هاڻي ڏسو! آءٌ، رڳو آءٌ ئي خدا آهيان، مون کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي، آءٌ ماريان ۽ آءٌ ئي جياريان ٿو، آءٌ ڦٽيان ۽ آءٌ ئي ڇٽايان ٿو، اهڙو ڪوبہ ڪونهي جيڪو منهنجي هٿان ڇڏائي سگھي.
اي خداوند! معبودن ۾ تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ پاڪيزگيءَ ۾ اعليٰ ۽ افضل تو جهڙو ٻيو ڪير آهي؟ حمد وَ ثنا ۾ هيبتناڪ ۽ معجزن ڪرڻ وارو ٻيو ڪير آهي؟
هاڻ اي خداوند اسان جا خدا! اسان کي هن جي هٿن مان ڇڏاءِ، تانتہ دنيا جون سڀ قومون ۽ بادشاهہ ڄاڻي وٺن تہ رڳو تون ئي خدا آهين.“
هڪڙو ئي خدا آهي، جيڪو سڀني جو پيءُ آهي. هو سڀني جي مٿان آهي، سڀني سان گڏ آهي ۽ سڀني ۾ موجود آهي.
تون ماڻهن کي چڱو ڀلو ڪرڻ لاءِ اسان تي پنهنجو هٿ رک ۽ اسان جي وسيلي پنهنجي پاڪ ٻانهي عيسيٰ جي نالي تي معجزا ۽ ڪرامتون ڏيکار.“
اي منهنجا رب! معبودن ۾ ڪوبہ تو جهڙو نہ آهي، ۽ نہ وري تنهنجي ڪمن جهڙا ڪنهن ٻئي جا ڪم آهن.
ڇا تون خدا جي ڳجھين ڳالهين کي سمجھي ٿو سگھين؟ ڇا تون قادرِمطلق جي راز کي معلوم ڪري ٿو سگھين؟
خدا بہ نشانين، ڪرامتن ۽ طرح طرح جي معجزن سان ۽ پنهنجي مرضيءَ موجب پاڪ روح جون نعمتون ماڻهن ۾ ورهائيندي انهيءَ ڇوٽڪاري جي شاهدي ڏيندو رهيو.
آءٌ ئي خداوند آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي. هائو، مون کان سواءِ ٻيو ڪو خدا ڪونهي. مون ئي تو کي طاقت عطا ڪئي آهي، جيتوڻيڪ تو مون کي ڪين ٿي ڄاتو.