هاڻي اي خداوند! ڌيان ڏيئي اسان جي ٻڌ. اي خداوند! اسان ڏانهن نهاري ڏس تہ اسان سان ڇا ٿو وهي واپري. سنحيرب جون اهي سڀيئي ڳالهيون ٻڌ، جيڪي هن تو زندہ خدا جي خلاف ڪفر بڪندي چيون آهن.
اي منهنجا خدا! پنهنجو ڪن ڏيئي ٻڌ، پنهنجيون اکيون کولي اسان، يعني پنهنجي انهيءَ شهر جي رهاڪن جي بربادي ڏس، جيڪو تنهنجي نالي پٺيان ٿو سڏجي. اسين پنهنجا عرض تنهنجي وڏي رحمت جي ڪري تنهنجي حضور ۾ پيش ٿا ڪريون، انهيءَ لاءِ نہ تہ اسين ان جي لائق آهيون.
”خداوند مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي، ڇو تہ غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ هن مون کي مخصوص ڪيو آهي. هن مون کي موڪليو آهي تہ قيدين جي رهائيءَ، ۽ انڌن جي بينائيءَ جو اعلان ڪريان، ۽ ستايلن کي آزادي بخشيان،