Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 85:9 - Muslim Sindhi Bible

9 يقيناً جيڪي سندس خوف رکن ٿا، تن کي هو ڇڏائڻ وارو آهي، تان‌تہ سندس عظمت اسان جي ملڪ ۾ چمڪي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 يقيناً جيڪي هن کان ڊڄن ٿا، تن کي نجات ويجهي آهي؛ تہ اسان جي ملڪ ۾ جلال قائم رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 85:9
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيشڪ بدڪار ماڻهن کي نہ بچايو ويندو، ڇاڪاڻ تہ اهي تنهنجي قاعدن قانونن جي طلب ئي نہ ٿا ڪن.


جيڪي قربانيءَ طور منهنجي شڪرگذاري ٿا ڪن، سي ئي منهنجي تعظيم ٿا ڪن. جيڪي پنهنجيءَ چال کي ٺيڪ ٿا رکن، تن کي آءٌ پنهنجي ڇڏائڻ واري طاقت ڏيکاريندس.“


تڏهن خداوند صيئون جبل جي هر جاءِ کي ۽ ان تي رهندڙ سندس قوم کي ڏينهن جي وقت ڪڪر ۽ رات جي وقت دونهين ۽ شعلي واري باهہ سان ڍڪيل رکندو. خدا جو جلوو پوري شهر تي ڇانيل رهندو ۽ انهيءَ جي حفاظت ڪندو.


آءٌ پنهنجي انهيءَ عدالت واري ڏينهن کي ويجھو ٿو آڻيان، اهو پري بلڪل نہ آهي. هاڻ پنهنجي قوم کي ڇڏائڻ لاءِ منهنجي اچڻ ۾ دير ڪانہ لڳندي. آءٌ يروشلم کي بچائيندس، تڏهن بني اسرائيل وارا منهنجي عظمت جو نشان بڻبا.“


پوءِ اي يرمياہ! تون نبي سڏائيندڙن مان هر هڪ کان آزمائش وٺندي پڇ تہ ’تو کي خداوند ڪهڙو جواب ڏنو آهي؟ خداوند ڇا فرمايو اٿيئي؟‘


آءٌ ئي آهيان، جنهن اوهان لاءِ جيڪي رٿيو آهي تنهن کي چڱيءَ طرح ڄاڻان ٿو. منهنجي اها رٿ خرابيءَ واري نہ، بلڪ خير وَ سلامتيءَ واري آهي، هائو، هڪ اهڙي رٿ جنهن سان اوهان جي آئيندہ جي اميد پوري ٿيندي.


تڏهن آءٌ تو کي هيٺ پاتال ۾ لاهي ڇڏيندس، جتي تون قديم زماني جي ماڻهن ۽ گھڻو اڳي ناس ٿي ويل شهرن سان وڃي گڏبين. تون وري ڪڏهن بہ مٿي اچي آباد نہ ٿيندين ۽ جيئرن جي دنيا ۾ تو لاءِ ڪابہ جاءِ ڪانہ هوندي.


خداوند مون کي وري فرمايو تہ ”اي آدمزاد! جيڪي ڳالهيون آءٌ تو کي ٻڌايان سي ڌيان سان ٻڌ ۽ انهن کي پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي.


آءٌ پنهنجي پهري واري ٺُلهہ تي چڙهي بيهندس ۽ ڏسندس تہ خدا مون سان ڇا ٿو ڳالهائي ۽ مون کي منهنجي شڪايت جو ڪهڙو جواب ٿو ملي.


انهيءَ سبب جو خداوند ٿو فرمائي تہ ’آءٌ پاڻ انهيءَ جي حفاظت لاءِ ان جي چوڌاري باهہ جي ڀت وانگر ٿيندس ۽ آءٌ ئي منجھس رهي ان جو شان وَ شوڪت وڌائيندس.‘“


اي يهوداہ وارؤ! قادر‌مطلق خداوند پنهنجي جلال کي ظاهر ڪرڻ بعد مون زڪرياہ کي پيغام ڏيئي انهن قومن ۾ موڪليو، جن اوهان کي ڦري لٽي ڇڏيو آهي. هو اوهان بابت کين فرمائي ٿو تہ ”جيڪو منهنجي قوم تي هٿ کڻي ٿو، سو ڄڻ تہ منهنجي اک جي ماڻڪيءَ کي ٿو ڇهي.


يعني غير قومن واسطي تنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ روشنائي، ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“


اهو ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو هن کي پيءُ جي هڪڙي ئي فرزند هئڻ ڪري مليو ۽ هو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو خدا جي مرضيءَ موجب هلڻ چاهي ٿو تہ هو انهيءَ تعليم بابت ڄاڻي وٺندو تہ اها خدا وٽان آهي يا آءٌ پنهنجي طرفان ٿو ڏيان.


تنهن تي پولس اُٿي بيٺو ۽ هٿ سان اشارو ڪندي چيائين تہ ”اي بني اسرائيل وارؤ! ۽ اوهين اي خداپرست غير يهوديؤ! ڪن ڏيئي ٻڌو.


تنهنڪري عيليءَ سموئيل کي چيو تہ ”وڃي سمهي رهہ. جيڪڏهن هو تو کي وري سڏي تہ چئجانءِ تہ ’اي خداوند! حڪم ڪر، تنهنجو ٻانهو ٻڌي رهيو آهي.‘“ تڏهن سموئيل وڃي پنهنجيءَ جاءِ تي ليٽي پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ