11 هائو، انسان جي وفاداري ڌرتيءَ مان مٿي وڌي هلندي، ۽ خدا جي سچائي آسمان مان مٿن نظر ڪندي.
11 سچائي زمين مان ٿي اُڀري؛ ۽ راستبازي آسمان مان ٿي نهاري.
پوءِ قوم لاءِ جبلن منجھان بہ خوشحالي پيدا ٿيندي. هائو، سچائيءَ تي هلڻ سان ٽڪرن مان بہ امن وَ سلامتي ملندي.
اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن خداوند جي چونڊيل زمين خوبصورت ۽ شاندار ٿي پوندي ۽ بني اسرائيل مان جيڪي بچي ويل هوندا تن لاءِ انهيءَ جو ڦل لذيذ ۽ وڻندڙ ٿي پوندو.
جڏهن تہ آءٌ خداوند جنهن جي هر ڳالهہ سچي آهي، تنهن جو اهو ارادو هو تہ منهنجي قوم منهنجي ڏنل شريعت کي وڏو مان ڏئي.“
جيئن آسمان مان برسات ٿي وسي، تيئن آءٌ فتح جو مينهن وسائيندس. جيئن مينهن پوڻ بعد زمين مان سلا ڦٽي نڪرندا آهن، تيئن آءٌ خورس جي هٿان انصاف ۽ سچائيءَ جو ڦل اڀاريندس. آءٌ خداوند ئي اهو سڀ ڪجھہ ڪرڻ وارو آهيان.“
پر ٿيو ائين ئي جيئن خدا جي مرضي هئي تہ سندس ٻانهو هڪڙي خسيس ٻوٽي وانگر مشڪلاتن جي خشڪ زمين مان پاڙ هڻي ڦٽي نڪري. سو انهيءَ ۾ نہ ڪا حشمت هئي، ۽ نہ وري ڪا سونهن هئي جو اسين ڏانهس ڌيان ڏيون. منجھس ڪا خوبصورتي ئي ڪانہ هئي، جو اسين سندس مشتاق بڻجون.
اڃا هو ڳالهائي ئي پيو تہ ڇا ڏسن تہ هڪ چمڪندڙ ڪڪر اچي انهن کي ڍڪيو ۽ انهيءَ ڪڪر مان آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ هن مان آءٌ گھڻو خوش آهيان. اوهين هن جي ڌيان سان ٻڌو.“
پوءِ آسمان مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“
”عرش عظيم تي خدا جي واکاڻ هجي ۽ زمين تي انهن ماڻهن لاءِ امن وَ سلامتي، جن کان هو راضي آهي.“
عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پهچي نہ ٿو سگھي.
مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.
انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوي سان ڀريل انهيءَ فضل جي واکاڻ ٿئي، جيڪو هن پنهنجي پياري فرزند ۾ اسان کي مفت عطا ڪيو.