Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 83:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جِبل علائقي وارا، عمون وارا ۽ ساڻن گڏ عماليقي بہ آهن، ان کان علاوہ صور شهر ۽ فلستي علائقي جا رهاڪو پڻ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 جبل، ۽ امون، ۽ عماليق؛ فلستين ۽ صور جي رهاڪن:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 83:7
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سائول جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ روبن قبيلي هاجرين تي حملو ڪيو ۽ کين ماري ڇڏيائون. پوءِ هنن جِلعاد جي اوڀر واري سندن سڄي علائقي تي قبضو ڪري ڇڏيو.


اهو صور شهر جيڪو ڀونوچ سمنڊ جي لنگھن وٽ قائم آهي ۽ گھڻن ئي سامونڊي ملڪن لاءِ تجارت‌گاهہ آهي، تنهن جي ايندڙ برباديءَ بابت کيس مون خداوند خدا جو فرمان ٻڌاءِ تہ ’اي صور شهر! تون ٻٽاڪ هڻي چيو آهي تہ ”آءٌ حسن ۾ ڪامل آهيان.“


جِبل شهر جا تجربيڪار ماڻهو ۽ اتي جا ڏاها ماڻهو تنهنجي سار سنڀال رکندا هئا، ۽ تو ۾ پيل سوراخن جي مرمت ڪندا هئا. سمنڊ جا سڀ جهاز ۽ انهن جا خلاصي تو وٽ ايندا هئا، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي واسطي تجارت جو ڪم ڪن.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”صور شهر وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن ڳوٺن جا ڳوٺ قيد ڪري ادوم ملڪ جي غلاميءَ ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن، ۽ برادريءَ واري عهد اقرار جو احترام نہ ڪيو اٿائون.


جِبلين جو سڄو علائقو، اوڀر طرف سڄو لبنان، حرمون جبل جي هيٺان بعل‌جد کان وٺي حمات لڪ تائين.


خداوند قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ’جڏهن بني اسرائيل مصر مان نڪتا هئا، تڏهن عماليقي ڪيئن نہ ساڻن جنگ ڪرڻ لاءِ رستي ۾ اچي بيٺا هئا. سو هنن جيڪي بني اسرائيل سان ڪيو هو تنهن جي آءٌ کين سزا ڏيندس.


انهن ڏينهن ۾ بني اسرائيل فلستين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري وڃي عبن‌عزر هنڌ وٽ تنبو کوڙيا ۽ فلستين پنهنجا تنبو افيق علائقي ۾ وڃي هنيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ