5 اي خدا! انهن پاڻ ۾ يڪمشت ٿي سازش ڪئي آهي، هائو، انهن پاڻ ۾ گڏجي تنهنجي خلاف عهد ڪيو آهي.
5 ڇو جو انهن يڪمشت ٿي صلاح ڪئي آهي؛ ۽ تنهنجي برخلاف پاڻ ۾ عهد ڪيو اٿن:
پر اهي اچي اسان کي انهيءَ جو بدلو اهو ٿا ڏين جو جيڪو ملڪ تو اسان کي ميراث ڪري ڏنو هو تنهن مان اسان کي ڪڍي ٻاهر ڪن.
مردڪئيءَ جي يهودي هجڻ جو ٻڌڻ کان پوءِ هن رڳو مردڪئيءَ کي مارائڻ هڪ معمولي ڳالهہ سمجھيو، ڇاڪاڻ تہ هامان سوچيو پئي تہ فارس جي سڄيءَ شهنشاهت ۾ مردڪئيءَ سان گڏ سندس سڄي يهودي قوم کي بہ مارائي ڇڏجي.
تہ جنهن وقت اهي اسان تي سخت ڪاوڙيا هئا، تنهن وقت اسان کي جيئرو ئي ڳڙڪائي وڃن ها.
خداوند ۽ سندس مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي خلاف ڌرتيءَ جا ٻيا بادشاهہ اُٿي کڙا ٿيا آهن. اهي پاڻ ۾ سازشون ڪري پوءِ هيئن چوندا ٿا وتن تہ
هنن هڪٻئي کي چيو ٿي تہ ”اچو تہ اسين هن قوم کي بلڪل ئي چٿي ڇڏيون.“ سو ملڪ ۾ جيڪي بہ تنهنجيون عبادتگاهون هيون، سي سڀ هنن ساڙي ڇڏيون.
جيڪڏهن خداوند ڪنهن جي خلاف آهي تہ ڪابہ ڏاهپ، سوچ سمجھہ يا صلاح مصلحت ڪم نہ ٿي اچي.
يروشلم تي سندن حملي کان اڳ آخز بادشاهہ کي اها خبر ڏني ويئي تہ ارام ۽ اسرائيل پاڻ ۾ ٻڌي ڪئي آهي، تنهن تي آخز ۽ سندس قوم جي دل خوف وچان ائين لڏي ويئي جيئن جھنگ جا وڻ واءُ لڳڻ ڪري لڏندا آهن.
”ڇا تو هن ڳالهہ ڏانهن ڌيان نہ ڏنو آهي جو ماڻهو چون ٿا تہ ’خداوند اسرائيل ۽ يهوداہ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جن کي چونڊي پنهنجي قوم بڻايو هئائين‘؟ هو ائين چوندي منهنجي قوم کي ڌڪارين ٿا ۽ کيس قوم ئي نہ ٿا سمجھن.
خداوند خدا وڌيڪ فرمايو تہ ”اي حزقيايل! فلستين عداوت رکندي يهوداہ وارن کان بدلو وٺڻ لاءِ هر وقت کين ناس ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي.
اي يروشلم جي وسندي! گھڻين ئي قومن وارن اچي تنهنجو گھيرو ڪيو آهي. اهي چون ٿا تہ ”اسين يروشلم جي عزت لٽينداسين، ۽ اسان جون اکيون انهيءَ کي خوار خراب ٿيندي ڏسنديون.“
ڪنعاني ۽ هن ملڪ جا سڀ رهاڪو هي ٻڌي اسان کي چوڌاري وڪوڙي ويندا ۽ ڌرتيءَ تان اسان جو نالو ئي مِٽائي ڇڏيندا. پوءِ تون پنهنجي عظيم نالي لاءِ ڇا ڪندين؟“
انهن ڏهن ئي جي هڪڙي راءِ هوندي ۽ اهي پنهنجي طاقت ۽ اختيار انهيءَ حيوان کي ڏيئي ڇڏيندا.
پوءِ مون انهيءَ حيوان، ڌرتيءَ جي بادشاهن ۽ سندن لشڪرن کي ڏٺو، جيڪي انهيءَ اڇي گھوڙي جي سوار ۽ سندس لشڪر سان جنگ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.