Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 83:4 - Muslim Sindhi Bible

4 هو هيئن چون ٿا تہ ”اچو تہ بني اسرائيل قوم کي اهڙو برباد ڪري ڇڏيون، جو انهيءَ جو ڪو وجود ئي نہ رهي، ۽ نہ وري سندن ڪو ذڪر ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 انهن چيو آهي تہ اچو تہ هنن کي تباهہ ڪريون تہ هو هڪڙي قوم نہ سڏجن؛ ۽ اڳتي اسرائيل جو نالو ياد نہ رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 83:4
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو پنهنجي ساٿين ۽ سامريہ جي فوج اڳيان چوڻ لڳو تہ ”هي ڪمزور يهودي ڇا ٿا ڪن؟ هو پاڻ تہ اهي ڀتيون ٺاهي نہ ٿا سگھن. انهيءَ لاءِ هو قربانيون پيش ڪندا ڇا؟ هي تعمير جو ڪم هڪڙي ئي ڏينهن ۾ پورو ٿي ويندو ڇا؟ ڪچري جي ڍير ۾ جيڪي پٿر سڙي ويا آهن، هو تن کي وري جوڙي استعمال ڪندا ڇا؟“


هنن هڪٻئي کي چيو ٿي تہ ”اچو تہ اسين هن قوم کي بلڪل ئي چٿي ڇڏيون.“ سو ملڪ ۾ جيڪي بہ تنهنجيون عبادت‌گاهون هيون، سي سڀ هنن ساڙي ڇڏيون.


تنهنڪري اچو تہ ساڻن چالاڪيءَ سان هلون، متان اهي اڃا بہ وڌي وڃن ۽ پوءِ جڏهن ڪا جنگ لڳي تڏهن اهي وڃي اسان جي دشمنن سان گڏجي اسان سان وڙهن ۽ ملڪ مان نڪري وڃن.“


جيتوڻيڪ اهي هينئر چڱا ڀلا ۽ صحتمند آهن، تہ بہ اسين انهن کي هميشہ جي لاءِ مئلن جي دنيا ڏانهن روانو ڪري ڇڏينداسين.


مون کي اها خبر ڪونہ هئي تہ ڪو منهنجي خلاف سازش سِٽي ويئي آهي. آءٌ تہ هڪڙي اٻوجھہ گھيٽڙي وانگر هئس، جنهن کي ڪهڻ لاءِ وٺي وڃبو آهي. هنن پاڻ ۾ صلاحون پئي ڪيون تہ ”اچو تہ هن کي وڻ وانگر سندس ڦوهُہ جوانيءَ ۾ ئي وڍي ڇڏيون ۽ کيس جيئرن جي دنيا مان ناس ڪري ڇڏيون، تان‌تہ جيئن هن جو نالو نشان ئي نہ رهي.“


هاڻ اهو ئي پنهنجي قوم سان واعدو ٿو ڪري تہ ”جيستائين منهنجو اهو مقرر ڪيل نظام قائم رهندو، تيستائين بني اسرائيل جو اولاد بہ منهنجي آڏو هميشہ قائم رهندو.


موآب ملڪ جو شان وَ شوڪت ختم ٿي ويندو، سندس شهر حشبون تي قبضو ڪري دشمن موآبين خلاف هيءَ سازش سِٽيندا تہ ’اچو تہ انهيءَ قوم جو خاتمو آڻي ڇڏيون.‘ اي مدمين شهر وارؤ! اوهان جو بہ خاتمو آندو ويندو، هائو، اوهين جنگ جي حوالي ڪيا ويندا.


خداوند ياجوج کي اهو بہ فرمائي ٿو تہ ”جڏهن اهو ڏينهن ايندو تڏهن آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون پنهنجيءَ دل ۾ هڪڙو برو منصوبو رٿيندين.


اهو خدا تعاليٰ جي خلاف ڳالهيون ڪندو ۽ خدا تعاليٰ جي چونڊيل بندن کي ايذائيندو. هو عيد جي ڏينهن ۽ شريعت کي ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪندو. ائين خدا جي قوم ساڍن ٽن سالن تائين انهيءَ جي هٿ ۾ ڏني ويندي.


پر متان اها ڳالهہ وڌيڪ ماڻهن ۾ پکڙجي وڃي، تنهنڪري اچو تہ هنن کي دڙڪو ڏيون تہ عيسيٰ جي نالي جي وري ڳالهہ نہ ڪن.“


تڏهن هو سڀ پاڻ ۾ گڏ ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ هڪ صلاح ٿي يشوع ۽ بني اسرائيل سان جنگ ڪن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ