Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 83:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اهي تنهنجي قوم جي خلاف ٺڳيءَ جا ٺاهہ ٿا ٺاهين، هائو، تنهنجي پناهہ ۾ رهندڙن خلاف سازشون ٿا سِٽين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 اهي تُنهنجي اُمت جي برخلاف چالاڪيءَ جون صلاحون ٿا ڪن، ۽ جن تُنهنجي پناهہ ورتي آهي، تن جي برخلاف منصوبا ٿا رٿين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 83:3
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيئن ببر شينهن ڪنهن آڙ ۾ ڇَپُ هڻي ويهي ٿو، تيئن ئي هو پنهنجي ڳجھيءَ جاءِ ۾ لڪي ويهن ٿا. هائو، هو غريبن کي پڪڙڻ خاطر تاڙ ۾ ويهن ٿا. هو مسڪينن کي پنهنجيءَ ڄار ۾ ڦاسائي سوگھو ڪن ٿا.


غير قومون ڇو بغاوت ٿيون ڪن؟ اهي ڇو اجايا منصوبا ٿيون جوڙين؟


مصيبت جي وقتن تي هو مون کي پنهنجي مقدس خيمي ۾ پناهہ ڏيندو، ۽ مون کي خيمي جي پردي اندر لڪائي رکندو. هو مون کي ٽڪر جي چوٽيءَ تي چاڙهي حفاظت ۾ رکندو.


تون انهن کي انساني سازشن کان بچائي پنهنجي حضور ۾ حفاظت سان ٿو رکين. تون انهن کي ماڻهن جي تهمتن کان لڪائي پنهنجي پناهہ ۾ ٿو رکين.


اهي گڏجي ڇپي ٿا ويهن ۽ مون کي تاڙين ٿا. هو منهنجي ساهہ ڪڍڻ جي انتظار ۾ آهن.


مون کي بڇڙن جي ڳجھين سازشن کان محفوظ رک، ۽ بدڪارن جي شر ۽ فساد کان مون کي لڪائي ڇڏ.


اي اوهين! جيڪي خدا تعاليٰ جي پناهہ ۾ رهو ٿا، هائو، اوهين جيڪي قادرِمطلق جي پاڇي ۾ ٿا رهو،


تنهنڪري اچو تہ ساڻن چالاڪيءَ سان هلون، متان اهي اڃا بہ وڌي وڃن ۽ پوءِ جڏهن ڪا جنگ لڳي تڏهن اهي وڃي اسان جي دشمنن سان گڏجي اسان سان وڙهن ۽ ملڪ مان نڪري وڃن.“


ڇاڪاڻ تہ اوهين مري ويا آهيو ۽ اوهان جي زندگي هاڻي مسيح سان گڏ خدا جي حضور ۾ لڪل آهي.


بني اسرائيل جي سڄي ملڪ ۾ ڪوبہ لوهار هٿ نہ ٿي آيو، ڇاڪاڻ تہ فلستين اها دورانديشي ڪئي هئي تہ ڪوبہ بني اسرائيل لوهار نہ هجي تہ جيئن عبراني ماڻهو پنهنجي لاءِ تلوارون يا ڀالا نہ ٺهرائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ