16 اي خداوند! تون انهن کي اهڙو خوار خراب ڪر، جو اهي تنهنجي نالي جي عظمت جا قائل بڻجي وڃن.
16 اي خداوند انهن کي شرمندو ڪر؛ تہ اُهي تنهنجي نالي جا طالب ٿين.
پوءِ جيڪڏهن آءٌ قصوروار نڪران تہ مون تي مصيبت نازل ڪرين، پر جي آءٌ سچو نڪران، تہ بہ مون کي پنهنجو منهن مٿي کڻڻ جهڙو نہ ڇڏين. سو هينئر منهنجو حال اهو ئي آهي، جو آءٌ شرمندگيءَ ۾ ٻڏل آهيان ۽ مصيبتون پيو سهان.
دهشتون هنن کي ٻوڏ وانگر وڪوڙي ٿيون وڃن، ۽ واچوڙو رات جو کين اڏائي کنيون ٿو وڃي.
شل تون منهنجي دشمنن کي ذلت ۽ خواريءَ سان ڍڪي ڇڏين! بلڪل ائين جيئن بدن مٿان چادر ڍڪبي آهي.
ان بادشاهہ جي ويرين کي آءٌ شڪست ڏياري خوار خراب ڪندس، پر بادشاهہ کي شان وارو تاج پارائيندس.“
جيڪي هن تي توڪل ٿا رکن سي سوجھرو حاصل ڪن ٿا، ۽ انهن جا منهن ڪڏهن بہ شرمندگي نہ ڏسندا.
منهنجا سڀ دشمن خوار خراب ٿيندا، ۽ کين ڏاڍي دهشت وٺي ويندي. اُهي پوئتي هٽي ويندا ۽ گھڙيءَ کن ۾ ذليل وَ خوار ٿيندا.