Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 83:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تيئن تون پنهنجي واچوڙي سان سندن پيڇو ڪر. پنهنجي خوفناڪ طوفان سان تون انهن ۾ هيبت وجھہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تيئن پنهنجي واچوڙي سان انهن جي پٺيان پئُہ، ۽ پنهنجي طوفان سان کين هيبت ۾ وجهہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 83:15
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ سبب جو هو تِر جيتري ڳالهہ لاءِ بہ مون کي چيڀاٽي ٿو ڇڏي، هائو، هو بنا ڪنهن سبب جي منهنجا زخم وڌائي ٿو ڇڏي.


هو بڇڙن ماڻهن تي ٻرندڙ ٽانڊا ۽ گندرف وسائيندو، ۽ جھولي جي گرم هوا سندن مقدر بڻبي.


اسان جو خدا اچي ٿو، هو ماٺ ڪري ڪين ويهندو. هن جي اڳيان ڀسم ڪندڙ باهہ آهي ۽ چوگرد وڏو طوفان اٿس.


انهيءَ کان اڳ جو چاڙهيل ديڳڙن کي ڪنڊن جي باهہ جو تؤ اچي، تون بڇڙن کي واچوڙي سان اڏائي وڃ، پوءِ اهي ادنيٰ هجن توڙي اعليٰ.


عدالت ۽ سچائي اهڙيءَ ڏور ۽ شاهل مثل هونديون، جن کي آءٌ انهيءَ اڏاوت ۾ ڪم آڻيندس.“ سو ڳڙا اوهان جي ڪوڙ واري پناهہ‌گاهہ کي ٻهاري ويندا، ۽ اوهان جي لڪڻ واري جاءِ کي ٻوڏ لوڙهي ويندي.


انهيءَ سبب جو جڏهن خداوند جوش ۾ ايندو تڏهن سندس جلال وارو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو ۽ سندس هٿ ڌڪ هڻندي ڏسڻ ۾ ايندو. هائو، هن جو سخت قهر ساڙي رک ڪندڙ باهہ جي شعلن جي صورت ۾ ٻوڏ، طوفان ۽ ڳڙن سان اچي اشورين تي ڪڙڪندو.


’ياد رک، آءٌ خداوند خدا تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ پنهنجي تلوار مياڻ مان ڪڍندس. پوءِ تو منجھہ رهندڙ بدڪارن توڙي سچارن کي قتل ڪري ڇڏيندس.


ان گھر تي مينهن ڏاڍو وسڪارو لاتو، ٻوڏ اچي وڪوڙيس ۽ طوفان سخت سٽون ڏنس تہ گھر ڪري پيو ۽ تباهہ ٿي ويو.“


اوهان جي هلت چلت چڱي هئڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اوهين خدا جي حضور ۾ آيا آهيو. ائين نہ آهي جو اوهين زمين تي ڪنهن اهڙي جاءِ وٽ آيا آهيو جتي باهہ پئي ٻري ۽ ڪاراڻ، اونداهي ۽ طوفان آهي، جيئن سينا جبل وٽ بني اسرائيل وارن سان ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ