Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 83:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اهي عين‌دور واريءَ جاءِ تي برباد ٿي ويا هئا، ڄڻڪ زمين جو گند ڪچرو ٿي ويا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 جي عين دور ۾ تباهہ ٿي ويا؛ اهي ڄڻ تہ زمين جو ڀاڻ ٿي پيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 83:10
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ايزبل جو لاش يزرعيل جي زمين تي گند ڪچري وانگر پيو هوندو ايتري قدر جو ڪوبہ سڃاڻي نہ سگھندو تہ هيءَ ايزبل آهي.‘“


اهي موتمار بيمارين وگھي مرندا. هنن تي نہ تہ ڪو روئڻ پٽڻ وارو هوندو ۽ نہ وري کين ڪو دفن ڪرڻ وارو هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا. هو جنگ ۽ ڏڪار سان ناس ٿي ويندا ۽ سندن لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻبا.


سندن اهي هڏا سج، چنڊ ۽ آسمان جي ستارن اڳيان پکيڙيا ويندا، جن سان کين محبت هئي ۽ جن جي خدمت ۽ پوڄا ڪندا هئا ۽ جن جي پٺيان لڳي کين سجدا ڪندا هئا. اهي هڏا دفن ڪرڻ لاءِ ميڙي گڏ نہ ڪيا ويندا بلڪ گند ڪچري وانگر زمين تي پکڙيا پيا هوندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ بني آدم تي ايتري مصيبت آڻيندس، جو هو انڌن وانگر ٿيڙ کائيندا، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند جو گناهہ ڪيو آهي. هنن جو رت پاڻيءَ وانگر وهايو ويندو، ۽ سندن لاش زمين تي ڳرندا ۽ سڙندا رهندا.


اِسڪار ۽ آشر جي حدن اندر هي شهر آس‌پاس وارن ڳوٺن سميت منسيءَ جي ملڪيت هئا: بيت‌شان، ابليعام، عين‌دور، تعناڪ، مجدو ۽ ڀونوِچ سمنڊ جي ڪناري وارو دور.


برق جي حملي سان خداوند سيسرا، سندس سڀني جنگي گھوڙي گاڏين ۽ سڄي لشڪر ۾ ٽاڪوڙو وجھي ڇڏيو. سيسرا پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏيءَ تان لهي پيرين پيادو وٺي ڀڳو.


پر برق حروست هگوئيم تائين سندس گاڏين ۽ لشڪر جو پيڇو ڪيو. سو سيسرا جو سڄو لشڪر تلوار جي ڌار سان مارجي ويو ۽ هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو.


سو دشمن لشڪر برساتي نهر قيسون ۾ لڙهي ويو، هائو، اها ئي برساتي نهر جيڪا ڏاڍي قديمي آهي. آءٌ زور سان ڌوڪيندي اڳتي هلنديس،


هنن مديانين جي پيڇي ڪرڻ دوران ٻن مدياني سردارن عوريب ۽ زئيب کي گرفتار ڪيو. هنن عوريب کي عوريب ٽڪريءَ تي ۽ زئيب کي، زئيب جي انگورن واري چيچڙي وٽ قتل ڪري ڇڏيو. هنن عوريب ۽ زئيب جون سسيون اردن درياءَ پار ڪري اوڀر طرف جِدعون وٽ آنديون.


تڏهن سائول پنهنجي عملدارن کي چيو تہ ”مون کي اهڙي عورت ڳولي ڏيو جيڪا مئلن جي روحن سان ڳالهائيندي هجي، تہ آءٌ وٽس وڃي کانئس پڇاڳاڇا ڪريان.“ سندس عملدارن ٻڌايس تہ ”عين‌دور ڳوٺ ۾ هڪڙي اهڙي عورت آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ