8 اُٿ اي خدا! تون دنيا جي عدالت ڪر، ڇاڪاڻ تہ سڀني قومن جو تون ئي مالڪ آهين.
8 اي خدا تون اُٿي زمين جي عدالت ڪر: ڇو جو سڀ قومون تنهنجي ميراث ٿينديون.
تون اُٿ ۽ صيئون تي پنهنجي رحم جي نظر ڪر، ڇاڪاڻ تہ هي ئي وقت آهي جو تون انهيءَ تي ترس کائين. هائو، انهيءَ جي مدد ڪرڻ جو وقت اچي پهتو آهي.
پر خداوند فرمائي ٿو تہ ”غريبن جي لٽجڻ ۽ محتاجن جي دانهن سبب هاڻ آءٌ اٿندس. ۽ انهن سلامتيءَ جي اڪير رکندڙن کي آءٌ سلامت رکندس.“
تون مون کان گھُر تہ آءٌ سڀ قومون تنهنجي حوالي ڪندس، ۽ هيءَ سڄي ڌرتي تنهنجي ملڪيت ۾ ڏيئي ڇڏيندس.
خداوند ئي هر شيءِ تي غالب آهي، هو ئي سڀني قومن جو حاڪم آهي.
اي خداوند! تون اُٿي اچي اسان جي مدد ڪر. پنهنجي دائمي شفقت جي خاطر تون اسان کي اچي بچاءِ.
اي خداوند! تون پنهنجي قهر وَ غضب سان اُٿ، تون منهنجي دشمنن جي غضب آڏو اُٿي کڙو ٿيءُ. اُٿ، اي خداوند! منهنجي مدد ڪر، ۽ حڪم ڏي تہ جيئن انصاف ٿئي.
توڙي جو انسان ڪيڏو بہ غصو ڪري، تہ بہ هو تنهنجيءَ تعريف جو سبب بڻبو. هائو، سندس غصي جي نتيجي ۾ تون واکاڻ جو تاج پائيندين.
اُٿ اي خدا! تون جيڪو سڄي جهان جو انصاف ٿو ڪرين، سو مغرورن کي ڪا جوڳي سزا ڏي.
هائو، اهي خداوند جي حضور ۾ ڳائين، ڇاڪاڻ تہ هو دنيا وارن جو انصاف ڪرڻ لاءِ اچي رهيو آهي. هو انصاف ۽ سچائيءَ سان جهان جي قومن جي عدالت ڪندو.
اي خداوند! جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، زور وٺ ۽ ڪجھہ ڪري ڏيکار. هائو، جاڳ ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪري ڏيکار، جيڪو تو گذريل ڏينهن ۾ ۽ قديم زمانن ۾ پنهنجيءَ قوم لاءِ ڪيو هو. ڇا تون اهو ئي ناهين، جنهن سامونڊي بلا رهب کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو هو؟ هائو، تو ئي ازدها نانگ کي چچري ڇڏيو هو.
ساڳيءَ طرح هن ملڪ ۾ ڪو نيڪ ماڻهو نظر ئي نہ ٿو اچي. هائو، ڪنهن کي بہ خدا جو خوف ڪونہ آهي. هر ڪو ماڻهو ٻئي جو خون ڪرڻ لاءِ تاڙ ۾ ويٺو آهي، ۽ پنهنجي هموطنن کي شڪار ڪرڻ لاءِ هر ڪو ڄار وڇايو ويٺو آهي.
باقي رهيس آءٌ، سو منهنجي توڪل خداوند تي آهي، هو ئي مون کي بچائيندو. هائو، آءٌ خدا ڏانهن پيو واجھائيندو رهندس، خدا جيڪو منهنجو معبود آهي سو منهنجي دعا ضرور ٻڌندو.
تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين منهنجي انهيءَ ڏينهن جو انتظار ڪريو، جڏهن آءٌ اُٿي قومن کي ڏوهاري قرار ڏيندس. مون سڀني قومن ۽ بادشاهتن کي عدالت ۾ آڻي مٿن پنهنجو سمورو غضب نازل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هائو، منهنجي غيرت جي باهہ سڄيءَ دنيا کي ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.“
جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“