Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 82:1 - Muslim Sindhi Bible

1 معبودن جي مجلس ۾ خدا پاڻ موجود آهي، هائو، انهن معبودن جي هو پاڻ عدالت ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 خدا جي جماعت ۾ خدا موجود آهي، هو معبودن جو انصاف ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 82:1
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! آءٌ پوريءَ دل سان تنهنجو شڪرانو ادا ڪندس. منهنجي آڏو ڪهڙو بہ معبود هجي، تہ بہ آءٌ تنهنجي ئي واکاڻ ڳائيندس.


خداوند، قادرِمطلق خدا، سڄيءَ دنيا وارن کي سڏايو آهي. هائو، هن اوڀر کان اولهہ تائين سڄيءَ دنيا کي گھرايو آهي.


تڏهن هر ڪو هيئن چوندو تہ ”بيشڪ سچارن لاءِ اجر آهي. يقيناً خدا آهي جيڪو دنيا ۾ انصاف ڪري ٿو.“


نہ، اوهين تہ پنهنجيءَ دل ۾ بڇڙائي ٿا رٿيو، بلڪ پنهنجي هٿن سان ڌرتيءَ تي ظلم ٿا ورهايو.


انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ جن کي خدا جو خوف هجي، جي سچار هجن ۽ کين ناجائز ڪمائيءَ کان نفرت هجي. انهن کي هزارن هزارن، سَون سَون، پنجاهن پنجاهن ۽ ڏهن ڏهن ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪر.


تڏهن هن جو مالڪ مون خدا کي شاهد بڻائي انهيءَ غلام کي در تي يا در جي چانئٺ تي آڻي بيهاريندو ۽ آر سان هن جي ڪن ۾ سوراخ ڪندو. پوءِ هو سڄي حياتيءَ لاءِ سندس غلام ٿي رهندو.


اوهين مون خدا بابت ڪفر نہ بڪو، نڪي پنهنجي قوم جي ڪنهن اڳواڻ جي گلا ڪجو.


جيڪڏهن اوهين ملڪ ۾ غريبن تي ظلم ٿيندي ڏسو ۽ ڪنهن ظالم عملدار هٿان انصاف ۽ عدالت کي بگاڙيندي ڏسو، تڏهن انهيءَ ڳالهہ تي اوهين حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ظالم عملدار مٿان بہ ٻيا ظالم عملدار آهن ۽ وري انهن سڀني مٿان ڪو ٻيو بہ آهي.


خداوند مقدمو هلائڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيو آهي. هائو، هو قومن جي عدالت ڪرڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيو آهي.


ڏسو، خدا انهن کي پنهنجا فرزند سڏيو جن کي سندس پيغام مليل هو. هاڻ پاڪ ڪلام تہ ڪڏهن بہ ڪوڙو ٿي نہ ٿو سگھي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ