Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 81:6 - Muslim Sindhi Bible

6 ”اي بني اسرائيل! اوهان جي ڪُلهن تي جيڪو بار هو سو مون لاهي ڇڏيو، مون اوهان جي هٿن کي هاڻي تغارين ڍوئڻ کان ڇڏائي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 مون سندس ڪلهن تان بار لاٿو: ۽ هن جا هٿ کارين کڻڻ کان ڇُٽا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 81:6
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شلاہ جي اولاد مان ڪي ڪنڀر بہ هئا جيڪي نتائيم ۽ گديرا ڳوٺن جا رهاڪو هئا، اتي هو بادشاهہ وٽ سندس ڪم ڪار لاءِ رهندا هئا.


بني اسرائيل قوم مصر منجھان ٻاهر نڪري آئي. هائو، خدا يعقوب جي نسل کي ڌاري ٻولي ڳالهائيندڙن مان ڪڍي آيو.


قبيلا، يعني خداوند جا قبيلا اوڏانهن ئي وڃن ٿا. هائو، بني اسرائيل جا سڀيئي قبيلا خدا جي حڪم موجب اتي وڃي خداوند جي نالي جو شڪر ادا ڪن ٿا.


سو انهيءَ مان اوهان کي بہ ملندو، جيڪي لڪي وڃي رڍن جي واڙن ۾ ستا هئا. انهيءَ مال ۾ ڪبوترن جون مورتيون آهن، جن جا پر چانديءَ جا آهن، ۽ انهن جا کنڀ نج سون سان ڍڪيل آهن.“


انهن کان گاري ۽ سرن ٺهرائڻ جو ڪم ۽ پنهنجين ٻنين ۾ هر قسم جو ڪم سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون. انهن کان جيڪو بہ پورهيو ٿي ڪرايائون سو سخت ظلم سان ٿي ڪرايائون.


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’آءٌ خداوند آهيان. آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس ۽ سندن غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو زورآور هٿ وڌائي هنن کي سخت سزائون ڏيئي اوهان کي هنن کان ڇڏائيندس.


جڏهن اهو وقت ايندو تہ آءٌ اشور جو بار اوهان جي ڪلهن تان لاهي ڦٽو ڪندس. هائو، اوهان جي ڳچيءَ مان سندن ظلم جي پاڃاري ڀڃي ٽڪرا ڪري ڇڏيندس.“ دشمن لشڪر وارن رمون جي ٽڪر وٽان ٿيندي


انهيءَ سبب جو سندن بار واري پاڃاريءَ کي، سندن ڪلهن تي وسائڻ واري لٺ کي، هائو، تون پنهنجي قوم تي ظلم ڪندڙ دشمنن جي لڪڻ کي ڀڃي ڇڏيندين، جيئن تو مديانن جي شڪست واري ڏينهن ڪيو.


منهنجي ئي پاڃاري پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجھو ۽ مون کان سکو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ دل جو نرم ۽ نماڻو آهيان. ائين ڪرڻ سان اوهان کي آرام ملندو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ