Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 81:5 - Muslim Sindhi Bible

5 خدا اهو ئي بني اسرائيل کي فرمايو هو، جڏهن مصر جي ملڪ تي آفتون نازل ڪيون هئائين. مون هڪڙو اهڙو آواز ٻڌو، جيڪو مون کي اڳ ٻڌڻ ۾ نہ آيو هو ۽ ان چيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 جڏهن هو مصر جي ملڪ تي چڙهي ويو؛ تڏهن هن اهو يوسف ۾ شاهديءَ جي لاءِ مقرر ڪيو: اُتي مون هڪڙي ٻولي ٻڌي جا آءٌ نہ ڄاڻندو هوس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 81:5
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بني اسرائيل قوم مصر منجھان ٻاهر نڪري آئي. هائو، خدا يعقوب جي نسل کي ڌاري ٻولي ڳالهائيندڙن مان ڪڍي آيو.


تو پنهنجيءَ قدرت سان پنهنجي قوم، يعني يعقوب ۽ يوسف جي اولاد کي ڇڏايو آهي.


تان‌تہ ايندڙ پيڙهيءَ ۾ ڄمندڙ ٻار انهن کي ڄاڻي وٺن، ۽ پوءِ اهي وڏا ٿي پنهنجي ٻارن کي بہ ٻڌائين.“


پوءِ موسيٰ فرعون کي چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’اڌ رات ڌاري آءٌ مصر ملڪ جي وچ مان لنگھندس.


انهيءَ ئي رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگھندس ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ ماڻهن جا پهريتا پٽ يا جانورن جا پهريتا نر ٻچا هوندا، تن سڀني کي ماري ڇڏيندس. مصر جي سڀني معبودن کي بہ سزا ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.


تڏهن اوهين کين ٻڌائجو تہ ’هيءَ خداوند واسطي فصح جي قرباني آهي، ڇاڪاڻ تہ هو مصر ۾ مصرين کي ماريندي وقت اسان بني اسرائيل جي گھرن وٽان لنگھي ويو ۽ اسان کي ڇڏي ڏنائين.‘“ تڏهن بني اسرائيل جي ماڻهن زمين تي جھڪي خداوند آڏو سجدو ڪيو.


جڏهن اڌ رات ٿي تہ خداوند مصر وارن جي سڀني پهريتن پٽن کي، فرعون جيڪو تخت تي ويٺو هو تنهن جي پهريتي پٽ کان وٺي انهيءَ قيديءَ جي پهريتي پٽ تائين جيڪو قيدخاني ۾ هو ماري ڇڏيو. خداوند چوپائي مال جي پهريتن نر ٻچن کي بہ ماري ڇڏيو.


اي مئي‌خوارؤ! جيڪڏهن اوهين مون کي ٻڌڻ نہ ٿا چاهيو، تہ ياد رکو، خدا اوهان کي سبق سيکارڻ لاءِ ڌارين ماڻهن جي وسيلي سندن ٻوليءَ ۾ اوهان سان ڳالهائيندو، جيڪا اوهان لاءِ بلڪل عجيب هوندي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! آءٌ هڪڙي ڏورانهين قوم اوهان تي ڪاهي آڻيندس. اُها زورآور ۽ قديم قوم آهي. اُها هڪڙي اهڙي قوم آهي جنهن جي ٻولي اوهين نہ ٿا ڄاڻو، نہ وري انهن جون ڳالهيون سمجھي سگھو ٿا.


اوهين منهنجي سبت جي ڏينهن جو احترام ڪريو. اهي اوهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ هڪڙي نشاني آهن، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ آءٌ خداوند ئي اوهان جو خدا آهيان.‘


اوهين وڏا وڏا پيالا ڀري مئي پيئو ٿا، ۽ پاڻ کي عمدا عطر لڳايو ٿا. پر پنهنجي ملڪ اسرائيل تي اچڻ واري مصيبت کان اوهين لاپرواہ آهيو.


خداوند پري کان يعني ڌرتيءَ جي ڇيڙي کان هڪڙيءَ قوم کي، عقاب وانگر اوهان مٿان چاڙهي آڻيندو، جنهن جي اوهين ٻولي بہ ڪين سمجھندا.


هي ئي اهي حڪم ۽ قاعدا قانون آهن، جيڪي موسيٰ بني اسرائيل جي مصر مان نڪرڻ کان پوءِ کين ٻڌايا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ