Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 81:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تنهنڪري مون اوهان کي ڇڏي ڏنو، تہ ڀل اوهين پنهنجي دل جي هوڏ تي هلو، ۽ جيئن وڻيوَ تيئن ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 سو مون کين ڇڏي ڏنو تہ ڀلي تہ پنهنجي دل جي هوڏ تي، ۽ صلاح تي هلن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 81:12
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند چيو تہ ”آءٌ انسان کي هميشہ تائين رهڻ ڪونہ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هو فاني آهي. سو انسان هڪ سؤ ويهن سالن کان وڌيڪ جيئرا نہ رهندا.“


اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو هنن خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي. هو خدا سان ٻڌل عهد ٽوڙيندي انهن سڀني حڪمن تي نہ هليا جيڪي خداوند جي ٻانهي موسيٰ کين ڏنا هئا. هنن نہ تہ انهن حڪمن تي عمل ڪيو ۽ نہ ئي وري انهن ڏانهن ڪو ڌيان ڏنائون.


پر اسان جي ابن ڏاڏن مغروريءَ ۽ هٺ کان ڪم ورتو، ۽ تنهنجا حڪم نہ مڃيائون.


جيڪڏهن تنهنجي اولاد سندس گناهہ ڪيو آهي، تہ هن انهن کي سندن ئي گناهہ جي سزا ڏني آهي.


خداوند موسيٰ کي فرمايو هو تہ ”فرعون تنهنجي ڳالهہ نہ مڃيندو. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ جيئن آءٌ پنهنجا تمام گھڻا معجزا مصر جي ملڪ ۾ ڏيکاريان.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي يهوداہ جي انهن باغي ماڻهن لاءِ! جيڪي منهنجي منصوبن جي بجاءِ پنهنجا منصوبا ٿا جوڙين، جيڪي منهنجي مرضيءَ جي خلاف معاهدا ٿا ڪن، اهڙيءَ طرح اهي گناهن مٿان گناهہ ڪندا ٿا وڃن.


ڇاڪاڻ تہ اها هڪ باغي قوم آهي. هائو، اهي هميشہ ڪوڙ ڳالهائيندڙ ۽ مون خداوند جي شريعت ٻڌڻ کان انڪار ڪندڙ آهن.


ڀلا اوهان بني يعقوب کي لٽ جو مال بڻائڻ وارو ڪير هو؟ هائو، ڪنهن اوهان بني اسرائيل وارن کي ڦورن جي حوالي ڪيو؟ بيشڪ اهو سڀ خداوند ئي ڪيو، جنهن جو اسان گناهہ ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس واٽ تي اسان هلڻ نہ گھريو، ۽ سندس شريعت جي تابعداري نہ ڪئي سون.


اڄ مون اوهان کي اهو سڀ ڪجھہ ٻڌائي ڇڏيو آهي، جيڪي خداوند اسان جي خدا اوهان کي ٻڌائڻ لاءِ مون کي فرمايو. پر اوهين انهن سڀني ڳالهين جي نافرماني ڪري رهيا آهيو.


پر هنن منهنجي اها ڳالهہ نہ ٻڌي ۽ نہ ڪو ڌيان ئي ڏنائون، اُٽلندو هو پنهنجي بڇڙي دل جي هوڏ تي هليا. اهڙيءَ طرح اهي سڌرڻ بجاءِ وڌيڪ بڇڙا ٿي ويا.


پر هو مون کان ڦري ويا ۽ منهنجي ڳالهہ ٻڌڻ کان انڪار ڪيائون. هنن مان ڪنهن بہ انهن ڪراهت جهڙن بتن کي ڪڍي نہ اڇلايو، جن کي هنن چاهيو ٿي، نہ وري هنن مصر جي بتن جي پوڄا ئي ڇڏي. تڏهن مون ارادو ڪيو تہ مصر ۾ ئي بني اسرائيل تي پنهنجو غضب نازل ڪريان.


منهنجو خدا اسرائيل وارن کي ڌڪاريندو، ڇاڪاڻ تہ هنن انهيءَ ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنو. اهي نافرماني ڪرڻ ڪري غير قومن ۾ دربدر ٿيندا.


”پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نہ ٻڌندا ۽ هنن سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا


گذريل زمانن ۾ هن هر قوم کي پنهنجي پنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ ڇڏي ڏنو هو.


تنهن تي خدا انهن کان منهن موڙيو ۽ کين ڇڏي ڏنائين تہ وڃي آسمان جي لشڪر جي پوڄا ڪن، جيئن نبين جي هڪ لکت ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ’اي بني اسرائيل وارؤ! ڇا اوهان منهنجي لاءِ بيابان ۾ چاليهن سالن تائين جانور ڪهي قربانيون ڏنيون؟ ڪڏهن بہ نہ.


سو خدا انهن کي سندن دلين جي خواهشن موجب گندين عادتن ۾ ڇڏي ڏنو، تہ ڀلي جيئن وڻين تيئن پاڻ ۾ هڪٻئي سان بي‌حيائيءَ وارا ڪم پيا ڪن.


مگر ماڻهن سموئيل جي ڳالهہ ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳا تہ ”هرگز نہ، بلڪ اسان کي ضرور پنهنجي مٿان بادشاهہ گھرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ