Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 80:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اسين انگورن جي ول جي هڪڙي ٻوٽي مثل هئاسين، جنهن کي تو مصر ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ ڪنعان مان ڌارين قومن کي ڀڄائي ڪڍي اتي ان کي لڳايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تو مصر مان هڪڙو ڊاک جو تاڪ آندو: تو ڌارين قومن کي هڪالي ڪڍيو ۽ انهيءَ کي لڳايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 80:8
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خداوند! آءٌ تو کان دعا ٿو گھران تہ تون مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ، بلڪ بدڪار ئي خوار خراب ٿين. تون کين خاموش ڪرائي قبر داخل ڪجانءِ.


هائو، تو قديم زماني ۾ ڌارين قومن کي ڀڄائي سندن ملڪ ڪنعان ۾ کين آباد ڪيو. انهن قومن کي برباد ڪري تو پنهنجي قوم کي خوشحال بڻايو.


تو پنهنجيءَ هن قوم کي سختين جو منهن ڏيکاريو آهي. تو اسان کي ڄڻ تہ اهڙي مئي پيئاري آهي جيڪا ٿاٻڙائي ٿي.


هن اتي رهندڙ قومن کي سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو، ۽ انهن جي زمين بني اسرائيل جي قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيائين. هائو، هن بني اسرائيل کي انهن جي گھرن ۾ آباد ڪيو.


جيئن ڌنار انگورن جي باغ کي ڀيلي ٿا ڇڏين، ۽ ٻنيءَ کي لتاڙي ناس ٿا ڪن، تيئن ڪيترن ئي ڌارين بادشاهن منهنجي قوم جي سرسبز ملڪ کي اجڙيل بيابان بڻائي ڇڏيو آهي.


مون تہ تو کي سٺي ۾ سٺي ٻج مان انگورن جي ول جو عمدو ٻوٽو ڪري پوکيو هو، پوءِ تون ڪيئن منهنجي لاءِ جھنگلي ۽ کريل ول وانگر ٿي پئينءَ؟


انهيءَ مثال جو مقصد آءٌ خداوند خدا سمجھايان ٿو تہ جهڙيءَ طرح انگورن جي ول ٻيلي جي ٻين وڻن جي ڪاٺ جي ڀيٽ ۾ بيڪار آهي، ۽ رڳو باهہ ۾ ساڙي وڃي ٿي، تهڙيءَ طرح آءٌ يروشلم جي رهاڪن کي بہ باهہ جي حوالي ڪري ڇڏيندس.


اهو ٻج اڀري. اهو هڪڙي ننڍي قد واري انگورن جي ول ٿي پيو. پوءِ انهيءَ ول پنهنجيون شاخون عقاب ڏانهن وڌايون ۽ هيٺ پاڙ هنيائين. انهيءَ کي تمام گھڻيون ٽاريون ۽ پنَ هئا.


اي بادشاهہ! تنهنجي ماءُ انگورن جي انهيءَ ول جهڙي هئي، جيڪا پاڻيءَ جي ڀر سان پوکي ويئي هئي. جھجھي پاڻيءَ جي ڪري اها گھڻين ٽارين واري ٿي پيئي، ۽ تمام گھڻو ڦر جھليائين.


اهو خيمو اسان جي ابن ڏاڏن کي سندن وڏن کان مليو هو ۽ اهي ان خيمي کي يشوع جي اڳواڻيءَ ۾ پاڻ سان کڻي آيا هئا جڏهن هنن انهن قومن جي ملڪ تي وڃي قبضو ڪيو، جن کي خدا سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو. اهو مقدس خيمو وٽن دائود جي زماني تائين رهيو.


لبنان کان مسرفات‌المائم تائين جابلو علائقن جي سڀني رهاڪن کي صيدانين سميت، آءٌ بني اسرائيل جي اڳيان سندن علائقي مان ڀڄائي ڪڍندس. تون رڳو اهو ملڪ ورهائي بني اسرائيل کي ورثي طور ڏي، جيئن مون تو کي حڪم ڏنو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ