5 تو اسان کي لُڙڪن واري خوراڪ کارائي آهي، ۽ پيئڻ لاءِ لُڙڪ ئي لُڙڪ ڏنا اٿيئي.
5 تو انهن کي ڳوڙهن جي ماني کارائي آهي، ۽ بيشمار لڙڪن جو پاڻي ڏنو آهي.
منهنجي دل تہ اهڙي کاڌي کي هٿ لائڻ بہ پسند نہ ٿي ڪري. اهڙي کاڌي کان مون کي ڪراهت ٿي اچي.“
تنهنجي ڪاوڙ جي ڪري خاڪ منهنجو کاڌو بڻي آهي، ۽ لڙڪن گڏيل پاڻي پي آءٌ پنهنجي اڃ اُجھايان ٿو. هي سڀ تنهنجي ڏمر ۽ ڪاوڙ جي ڪري ٿيو آهي، ڇوجو تو مون کي پاڻ وٽان پري اڇلائي ڇڏيو آهي.
رات ڏينهن منهنجا لڙڪ ئي منهنجي خوراڪ آهن. جڏهن تہ مون کان هر وقت پڇيو ٿو وڃي تہ ”ڪٿي آهي تو وارو خدا؟“
اي خدا! تو هميشہ جي لاءِ اسان کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ اسين جيڪي تنهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيون، تن تي تنهنجو ناراضپو ڇو آهي؟
ائين ڪيستائين رهندو، اي خداوند! ڇا تون هميشہ ڪاوڙيل رهندين؟ ڇا تنهنجي اها غيرت باهہ وانگر پيئي ڀڙڪندي رهندي؟
جيتوڻيڪ پروردگار اوهان کي تنگي ۽ ڏکيائيءَ ۾ وڌو آهي، تہ بہ هاڻي اهو سيکاريندڙ خدا، جيڪو اوهان کان ڳجھو آهي سو وري اوهان جي رهنمائي ڪندي اوهان کي ڏسڻ ۾ ايندو.
تو اسان جي پٺيان پئي اسان کي قتل ڪري ڇڏيو. تو پنهنجي غضب وچان اسان تي قياس نہ ڪيو.
تو پاڻ کي ڪڪرن پٺيان لڪائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اسان جون دعائون تو تائين نہ پهچي سگھن.