4 اي خداوند قادرِمطلق خدا! تون ڪيستائين پنهنجي قوم جي دعائن کان ناراض رهندين!
4 اي خداوند لشڪرن جا خدا، ڪيستائين پنهنجي اُمت جي دعا تي ناراض رهندين؟
اي خداوند! آءٌ تو کان دعا ٿو گھران تہ تون مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏجانءِ، بلڪ بدڪار ئي خوار خراب ٿين. تون کين خاموش ڪرائي قبر داخل ڪجانءِ.
جيڪا خوشي هنن کي جھجھي اناج ۽ مئي سان ملي ٿي، تنهن کان وڌيڪ خوشي تو منهنجيءَ دل کي بخشي آهي.
اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! اي قادرِمطلق خدا! اُٿ، تون سڀني قومن کان حساب وٺ. تون ڪنهن بہ بدڪار دغاباز تي ڪو قياس نہ ڪر.
تو پنهنجيءَ هن قوم کي سختين جو منهن ڏيکاريو آهي. تو اسان کي ڄڻ تہ اهڙي مئي پيئاري آهي جيڪا ٿاٻڙائي ٿي.
اي خدا! تو هميشہ جي لاءِ اسان کي ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟ اسين جيڪي تنهنجي چراگاهہ جون رڍون آهيون، تن تي تنهنجو ناراضپو ڇو آهي؟
ائين ڪيستائين رهندو، اي خداوند! ڇا تون هميشہ ڪاوڙيل رهندين؟ ڇا تنهنجي اها غيرت باهہ وانگر پيئي ڀڙڪندي رهندي؟
ڇا تون هميشہ تائين اسان سان ڪاوڙيل رهندين؟ ڇا تنهنجو غصو پيڙهي بہ پيڙهي جاري رهندو؟
تو پاڻ کي ڪڪرن پٺيان لڪائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اسان جون دعائون تو تائين نہ پهچي سگھن.
تنهنڪري هاڻي اي اسان جا خدا! پنهنجي ٻانهي جي دعا ۽ منٿ ٻڌ. اي پروردگار! تون پنهنجي ئي واسطي، پنهنجي انهيءَ اجڙي ويل مقدس هيڪل تي مِهر جي نظر ڪر.
ڇاڪاڻ تہ خداوند انهيءَ کي ڪڏهن بہ معاف ڪرڻ نہ چاهيندو. اٽلندو خداوند جو قهر ۽ سندس غيرت انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي ڀڙڪندي، سڀ لعنتون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن سي انهيءَ ماڻهوءَ تي اچي پونديون ۽ خداوند انهيءَ جو نالو ڌرتيءَ تان مِٽائي ڇڏيندو.