3 اي خدا! اسان کي وري بحال ڪر، تون پنهنجي رحمت جو جلوو ڏيکار تہ اسين بچي پونداسين.
3 اي خدا اسان کي وري بحال ڪر؛ پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين.
اي خداوند! مون کي سڏ ڏي، مون کي سڏ ڏي، تہ جيئن هي ماڻهو ڄاڻي وٺن تہ اي خداوند! تون ئي خدا آهين ۽ تون وري هنن جون دليون پاڻ ڏانهن ڦيرائڻ وارو آهين.“
تون پنهنجي هن ٻانهي تي ٻاجھہ جي نظر ڪر، ۽ مون کي پنهنجا قانون سيکار.
گھڻا ئي آهن جيڪي انساني ڀلائي چاهين ٿا. پر اي خداوند! آءٌ تنهنجي ڪرم جي نگاهہ جو طالبو آهيان.
اي خدا! تو اسان کي رد ڪيو آهي، ۽ تو ئي اسان کي هارائي ڇڏيو آهي. تون اسان سان ڪاوڙيو آهين، پر هاڻ اسان کي بحال ڪر.
شال خدا اسان تي رحم ڪري ۽ اسان کي برڪت عطا ڪري! شال هو اسان تي پنهنجي ڪرم جي نظر فرمائي!
اي بني اسرائيل جا ڌنار! تون جيڪو ڌڻ وانگر اسان جي رهبري ڪرين ٿو، ۽ پردار آسماني مخلوق تي تختنشين آهين، اسان جو فرياد ڪن ڏيئي ٻڌ. اسان کي پنهنجو جلال ڏيکار.
اي خداوند قادرِمطلق خدا! اسان کي وري بحال ڪر، تون پنهنجي رحمت جو جلوو ڏيکار تہ اسين بچي پونداسين.
اي قادرِمطلق خدا! اسان کي وري بحال ڪر، تون پنهنجي رحمت جو جلوو ڏيکار تہ اسين بچي پونداسين.
اي اسان جا بچائيندڙ خدا! هاڻ تون اسان کي وري بحال ڪر، ۽ پنهنجو ڏمر اسان تان لاهي ڇڏ.
اي خداوند! تون اسان تي رحم ڪري وري اسان کي پنهنجو ڪر. تون اڳي وانگر اسان کي پنهنجيون نعمتون وري عطا ڪر.