Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




زبور 80:14 - Muslim Sindhi Bible

14 اي قادرِمطلق خدا! اسان کي اچي بچاءِ. اسين تو کي عرض ٿا ڪريون تہ عرش عظيم تان هيٺ نهاري ڏس، ۽ اسين جيڪي انگورن جي ول مثل آهيون، تن تي پنهنجي مهر جي نظر ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 اي لشڪرن جا خدا، اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ موٽي اچ آسمان مان نهاري ڏس ۽ هن ڊاک تي نظر ڪر.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




زبور 80:14
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند مٿان عرش عظيم تان هيٺ نهاري ٿو ڏسي، هن جي نظر کان ڪوبہ بني آدم لڪل نہ ٿو رهي.


هائو، سڀني قومن کي پنهنجي آڏو آڻي گڏ ڪر، ۽ انهيءَ ميڙي جي مٿان تون عرش تان پنهنجو حڪم هلاءِ.


اي خداوند! هاڻ تہ اسان سان پرچي پئُہ، تون ڪيستائين ڪاوڙيل رهندين! هاڻي تہ پنهنجي هنن بندن تي رحم ڪر.


اي خداوند! عرش عظيم تان اسان تي نگاهہ ڪر. هائو، پنهنجي پاڪ ۽ عظمت واري جاءِ مان ڏس. اسان لاءِ تنهنجي غيرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي قدرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي دلي محبت ۽ شفقت ڪٿي آهي؟ انهن کي تو اسان کان ڇو روڪي رکيو آهي؟


اي خداوند! ڇو تو اسان کي پنهنجين واٽن کان گمراهہ ٿيڻ ڏنو، ۽ اسان جي دلين کي اهڙو سخت ڪيئِہ جو اسين تو کان ڦري وياسون؟ موٽي اچ، اي خداوند! اسان پنهنجي انهن ٻانهن جي خاطر، جيڪي تنهنجي بندگي ڪندا ٿا رهون، هائو، پنهنجي انهيءَ قوم جي خاطر، جيڪا هميشہ لاءِ تنهنجي ئي آهي.


جيستائين تون خداوند عرش عظيم کان هيٺ نهاري اسان جي مدد ڪرين.


شايد خداوند پنهنجو ارادو بدلائي اوهان سان رحم وارو سلوڪ ڪري. پوءِ هو اوهان تي جھجھي اناج ۽ مئي جون برڪتون نازل ڪندو، جن مان اوهين خداوند پنهنجي خدا لاءِ قربانيون ۽ نذرانا پيش ڪندا.


اوهين پنهنجي ابن ڏاڏن جي زماني کان وٺي منهنجي شريعت جي اصولن کي نہ مڃيندي انهن جي ڀڃڪڙي ڪندا آيا آهيو. اوهين مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو تہ آءٌ بہ وري اوهان تي مهربان ٿيان. پر اوهين چئو ٿا تہ ’اسين ڪهڙيءَ ڳالهہ لاءِ توبهہ‌تائب ٿيون؟‘


’هنن ڳالهين کان پوءِ آءٌ وري اچي دائود جي ڊٺل گھر کي ٺاهيندس. هائو، انهيءَ جا ٽڪر ٽوٽا گڏ ڪري اهو وري اڏيندس،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ