تنهنڪري خداوند بني اسرائيل جي سڄي نسل کي ڌڪاري ڇڏيو، انهن تي تڪليفون آندائين ۽ انهن کي ڦرلُٽ ڪندڙن جي حوالي ڪري ڇڏيائين، ايستائين جو هنن کي پنهنجي حضور مان تڙي جلاوطن ڪري ڇڏيائين.
بيشڪ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم جي مال متاع سان پنهنجو پيٽ ڀري، يروشلم کي سکڻو ڀانڊو بڻائي ڇڏيو آهي، بلڪ انهيءَ کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو اٿائين. هو يروشلم کي ڳڙڪائي ويو، هائو، هو انهيءَ کي ازدها بلا وانگر ڳهي ويو.
پر غضب وچان انهيءَ ول کي پاڙان پٽي ڪڍيو ويو، ۽ کڻي زمين تي اڇلائي ويئي. جھولي ان جو ميوو سڪائي ڇڏيو، ۽ انهيءَ جون مضبوط شاخون ڀڄي پيون ۽ سڪي ويون، ۽ باهہ انهن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو.